اسلام آباد– 29 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي فلسطيني ڀائرن سا?? گڏ بيٺل رهندو ۽ هر فورم تي انهن جي لاءِ آواز بلند ڪندو رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ فلسطين جي سفير احمد جواد ربيع سا?? ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. سفير صدر آصف علي زرداري کي صدر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. هن غزه جي پٽيءَ ۾ بيگناهه فلسطينين جي خلاف ا??رائيلي فوج جي ظلمن ۽ دهشتگردي تي روشني وڌي. فلسطيني سفير سا?? ڳالهائيندي صدر فلسطيني عوام جي بهادري ۽ اسرائيلي ق??ضي جي خلاف ڊگهي جدوجهد کي ساراهيو. صدر عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها سمورين رڪاوٽن کي هٽائي ۽ غزه جي پٽيءَ ۾ فلسطيني شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائيندي غزه ۾ انساني امداد جي آزاداڻي پهچ ??ي لاءِ ڪوششون ڪري. هن چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام جي لاءِ خوراڪ ۽ دوائن سميت اضافي امدادي سا??ان موڪليندو. فلسطيني سفير تعليم جي شعبي ۾ پاڪستان جي حمايت کي ساراهيو، 50 هزار کان وڌيڪ فلسطيني پاڪستان جي تعليمي ادارن مان مختلف شعبن ۾ گريجوئيشن ڪري چڪا آهن. هن فلسطيني صدر محمود عباس جو سلام پڻ پيش ڪيو ۽ فلسطيني عوام سا?? مسلسل حمايت ۽ يڪجهتي تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا.
پاڪستان پنهنجي فلسطيني ڀائرن سان گڏ بيٺل رهندو: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : loteria estadual