اسل??م آباد – 26 – جون (اي پي پي) پاڪست??ن ۽ سوئيڊن ٻطرفن لاڳاپن جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي گڏيل تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ مستحڪم اقتصادي حصيدار?? تي ٻڌل وسيع البنياد لاڳاپن کي قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪست??ن ۽ سوئيڊن جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو 18 هون دور منعقد ٿيو. ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ) سفير شفقت علي خان پاڪستان پاران قيادت ڪئي جڏهن ته سوئيڊن پاران سوئيڊن جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ پرڏيهي وزارت جي گلوبل ڊپارٽمينٽ جي سربراهه سفير ڊيگ جوهلن ڊينفيلٽ نمائندگي ڪئي. ٻنهي ڌرين ٻطرفي تعاون جي سمورن رخن جو جائزو ورتو جنهن ۾ سياسي ل??ڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري، تعليم ۽ عوام سان عوام جا رابطا شامل هئا. سوئيڊن پاران پاڪستان کي سوئيڊن ۾ بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ جي ل??ءِ کنيل قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي پڻ بحث هيٺ آئي. ٻنهي ڌرين گڏيل قومن ۽ يورپي يونين سميت گهڻ رخي فورمز تي گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي هم آهنگ?? تي اتفاق ڪيو. ڊائريڪٽر جنرل پرڏيهي سيڪريٽري سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان سوئيڊن ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. واضح رهي ته پاڪست??ن ۽ سوئيڊن سفارتي ل??ڳاپا ??ائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن.
پاڪستان ۽ سوئيڊن پاران ٻطرفن لاڳاپن جي رفتار تي اطمينان جو اظهار، گڏيل تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ مستحڪم اقتصادي حصيداري تي ٻڌل وسيع البنياد لاڳاپن کي قائم ڪرڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا