اسلام آباد – 01 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف چيو آهي ته ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري ملڪي معيشت مستحڪم ۽ ٻاهرئين سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي، صنعت، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ترقي سان معيشت کي وڌيڪ استحڪام ۽ روزگار جا نوان موقعا فر??هم ڪنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??ار?? بيان موجب وزيراعظم محمد شه??از شريف سان ملڪ جي ناليواري ڪاروباري شخصيتن جي وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شه??از شريف چيو ته الحمدالله ملڪ معاشي طور تي صحيح رخ ۾ گامزن آهي، بجيٽ ۾ عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ قدم شامل ڪيا. هن چيو ته ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري ملڪي معيشت مستحڪم ۽ ٻاهرئين سيڙپڪارن جو اعتمادل بحال ٿيو، بجيٽ قدم لاڳو ڪرڻ جي لاءِ حڪومتي ٽيم سرگرم آهي، ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو اولين ترجيح آهي، برآمدي صنعت جي ترقي جي لاءِ بجيٽ قدم يقيني بڻائي رهيا آهيون. هن چيو ته برآمد ڪندڙن کي انهن جي ريفنڊز جي فوري ادائيگي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، صنعت، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ترقي سان معيشت کي وڌيڪ استحڪام ۽ روزگار جا نوان موقعا فر??هم ڪنداسين. ملاقات ۾ وفد وزيراعظم کي ملڪي معيشت کي صحيح رخ ۾ گامزن ڪرڻ ۽ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ موزون ماحول فر??هم ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. و??د بجيٽ جي ڪاروباري ??را??ري ۾ پذيرائي بابت آگاهه ڪيو ۽ اميد جو اظهار ڪيو ته ان جا ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين تي مثبت اثر پوندا. ملاقات ۾ شهزاد سليم، زيد بشير، مصدق ذوالقرنين ۽ شهريار چشتي شريڪ هئا.
ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري ملڪي معيشت مستحڪم ۽ ٻاهرئين سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر