اسلام آباد – 03 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري عورتن جي معاشي خودمختياري جي لاءِ مالي خدمتن ۽ قرضن تائين پهچ بهتر ??ڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪاروباري عورتن جي حوصلا افزائي ۽ بئنڪنگ شعبي ۾ عورتن جي نمائندگي وڌائڻ جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بئنڪ جي گروپ چيف ايگزيڪيوٽو بل ونٽرز جي قيادت ۾ وفد سان ڳالهائيندي ڪي?? جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته عورتن جي معاشي خودمختياري سان خاندانن جي خوشحالي ۽ ملڪي ترقي ۾ مدد ملندي. صدر چيو ته پاڪستان ماحوليات جي تحفظ ۽ ٻيلن جي فروغ جي لاءِ ق??م کنيا آهن، سنڌ حڪومت مينگروز ٻيلا هنيا ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ ڪاربن ڪريڊٽس جي واپار سان پرڏيهي ناڻو حاصل ڪي??. صدر آصف علي زرداري چيو ته موسمياتي شعبي ۾ سيڙپڪاري سان ماحوليات جي تحفظ ۾ مدد ملندي. هن زرعي شعبي ۽ بنيادي ڍانچي جي منصوبن خاص طور تي ننڍي ڊيمن، بيراجن ۽ پاور پلانٽس ۾ سيڙپڪاري تي زور ڏنو ۽ چيو ته بئنڪ آبادگارن جي زرعي ضرورتن تائين پهچ وڌائڻ جي لاءِ مالياتي خدمتون، قرض فراهم ڪري. وفد صدر کي پاڪستان جي معيشت، بئنڪنگ انڊسٽري جي ترقي ۽ ارتقائي، ملڪي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ بئنڪن جي ڪردار بابت آگاهه ڪي??. صدر بئنڪ کي ننڍي کنڊ ۾ ڪامياب آپريشنز جا 160 سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني. صدر چيو ته بئنڪ ملڪ جي بئنڪنگ سيڪٽر جي ارتقاءَ ۾ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪي?? آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪي?? ته بئنڪ ملڪ ۾ پنهنجي آپريشنز کي سگهه ڏيندي ۽ پاڪستاني معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي رهندي.
ڪاروباري عورتن جي حوصلا افزائي ۽ بئنڪنگ شعبي ۾ عورتن جي نمائندگي وڌائڻ جي ضرورت آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ