اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن و??ري وزارت وزيراعظم جي منظوري سان عائشه رضا فاروق کي اعزازي طور تي وزيراعظم جي پوليو جي خاتمي بابت فوڪل پرسن مقرر ڪري ڇڏيو آهي. سندس مقرري فوري طور تي ڪئي پئي وڃي. عائشه رضا فاروق وزيراعظم کي پ??ڪس??ان ۾ پوليو جي خاتمي جي ڪوششن ۽ تازه ترين صورتحال کان باقاعدگي سان آگاهه ڪندي جڏهن ته ??وب??ئي، ضلعي ۽ وفاقي سطح تي نيشنل ايمرجنسي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي لا??ِ وفاقي حڪومت پاران قدم کڻڻ بابت وزيراعظم کي مشاورت پڻ فراهم ڪندي. عائشه رضا فاروق پوليو تدارڪ جي حوالي سان قومي ٽاسڪ فورس جي باقاعده ميٽنگ منعقد ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪندي ۽ پوليو جي خاتمي جي مهمن جي نگراني سان گڏوگڏ سمورين ڌرين بشمول عالمي حصيدارن کي رهنمائي فراهم ڪندي ته جيئن مهم جي ڪوريج کي بهتر بڻائي سگهجي. عائشه رضا فاروق پوليو تدارڪ پروگرام جي مرڪزي سطح تي سمورين سرگرمين جي رهنمائي ڪندي. ماهوار ۽ هفتيوار نيشنل اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاسن جي صدارت ڪندي. پوليو تدارڪ جي حوالي سان نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر جي نيشنل ڪوآرڊينيٽر سان گڏجي قومي ۽ عالمي فورمز تي پ??ڪس??ان جي نمائندگي ڪندي. عالمي ترقياتي حصيدارن ۽ ٻين عطيو ڏيندڙ تنظيمن سان پوليو تدارڪ جي لا??ِ وسيلا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهيون منعقد ڪندي ۽ نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن و??ري وزارت سان ويجهي رابطي ۾ ڪم ڪندي ۽ پوليو بابت مسئلن جي خاتمي لا??ِ وقت سر ۽ موثر ڪردار ادا ڪندي. نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن و??ري وزارت مٿي ڄاڻايل ٽي او آرز تحت سندس مقرري جو باقاعده نوٽيفڪيشن ج??ري ڪري ڇڏيو آهي.
عائشه رضا فاروق وزيراعظم جي پوليو جي خاتمي بابت فوڪل پرسن مقرر
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس