اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نق??ي چيو آهي، ته بلوچستان ۾ دهشتگردي جي واقعن جي جاچ کان پوءِ حقيقتون ثبوتن سميت سامهون آڻينداسين، تخريبڪاري جا واقعا پاڪستان ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي سازش آهن. دشمن سوچيل سمجهيل منصوبي ت??ت ملڪ ۾ انارڪي پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نق??ي چ??و ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وقت سر ڪارروائي ڪري 12 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو آهي. هن چ??و ته بلوچستان ۾ امن جي قيام لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي لڪڻ جي جاءِ نه ملندي. گهرو وزير چ??و ته بلوچستان حڪومت سان رابطي ۾ آهيون. امن جي فضا برقرار رکڻ لاءِ موثر قدم کنيا پيا وڃن. بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ هڪٻئي پٺيان دهشتگردي جي واقعن ۾ شهيدن جي وارثن سان غم ۾ برابر جو شريڪ آهيون، ڪو جيڪڏهن اهو سمجهي ٿو ته هن بزدلاڻين ڪارروائين سان قوم جي پختي عزم کي شڪست ڏئي سگهي ٿو ته اها ان جي ڀُل آهي. هن چ??و ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ت??ئين جنگ جاري رهندي. بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال کي مستقل بنيادن تي مانيٽر ڪيو پيو وڃي.
بلوچستان ۾ دهشتگردي جي واقعن جي جاچ کان پوءِ حقيقتون ثبوتن سان گڏ سامهون آڻينداسين: محسن نقوي
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste