اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽ?? پاڪستان ٽيليويزن جي ماضي ۾ سڄي دنيا ۾ س??راهجندڙ تشخص جي بحالي جي لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي پي ٽي وي کي منافعو ڏيندڙ ادارو بڻائڻ لاءِ اداري جي موجوده بنيادي ڍانچي ۽ انساني وسيلن جي ڀرپور استعمال جي تجويز ڏني آهي. ڪميٽي تعليمي مقصدن جي لاءِ مخصوص چينل قائم ڪرڻ جي پڻ تجويز پيش ڪئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري پڌرائي موجب اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو ا??لا?? ڪميٽي جي چيئرمين پولين بلوچ جي صدارت ۾ پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ ٿيو. ا??لا?? ۾ پي ٽي وي بابت ايجنڊا ۽ ميڊيا ورڪرز کي پگهارن جي ادائيگي جي معاملي تي غور ڪيو ويو. ڪميٽي پي ٽي وي کي فيملي چينل جو تشخص برقرار رکڻ ۽ ان کي موجوده رجحانن سان هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ڪميٽي چ??و ته پي ٽي وي وٽ انساني وسيلن جي بي پناهه صلاحيت ۽ جديد ترين انفراسٽرڪچر موجود آهي جنهن کي ان جي اڳوڻي حيثيت ٻيهر حاصل ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي. ڪميٽي هڪ تعليمي چينل جي تجويز پڻ ڏني ڇو ته ڪوويڊ 19 دوران پي ٽي وي جي ذريعي تعليم فراهم ڪرڻ جو تجربو ڪامياب ثابت ٿيو هو. ڪميٽي پيمرا ۽ پي آءِ ڊي کي هدايت ڪئي ته اهي ميڊيا ورڪرز جي پگهارن ۽ رهتن جي ادائيگي تي پنهنجون ڪوششون جاري رکن. پي ٽي وي ۽ پي بي سي جي مستقل سربراهن جي مقرري جي حوالي سان ڪميٽي جي اڳوڻي ا??لا?? جي سفارشن تي عملدرآمد بابت آگاهه ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان ٻڌا??و ته ٻنهي ادارن جي بورڊز جي نئين سر جوڙجڪ جو عمل جاري آهي ۽ اميد آهي ته ڪجهه ڏينهن ۾ اهو ڪم مڪمل ٿي ويندو. پي بي سي جي مستقل ڊائريڪٽر جنرل ۽ پي ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي مقرري بورڊ جي نوٽيفڪيشن کانپوءِ ڪئي ويندي. هن وڌيڪ ٻڌا??و ته معاشري جي مختلف طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي ٻنهي ادارن جي بورڊز ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ شارٽ لسٽ ڪيو ويو آهي. پي ٽي وي جي وقتي مئنيجنگ ڊائريڪٽر پي ٽي وي ۾ موجوده انساني وسيلن، مالياتي صورتحال، مارڪيٽنگ جي حڪمت عملي ۽ پيداواري سرگرمين بابت جامع پريزنٽيشن ڏني. هن ٻڌا??و ته سرڪاري نشرياتي اداري کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي ضرورت کي ڏسندي موجوده حڪومت قدمن جو سلسلو شروع ڪيو آهي جنهن ۾ نجي شعبي مان اينڪرز جي شموليت، جديد اوزارن ۾ سيڙپڪاري، ڊيجيٽل انفراسٽرڪچر جي ترقي کانسواءِ مواد جي جدت شامل آهي. هن وڌيڪ ٻڌا??و ته هڪ مالياتي حڪمت عملي جوڙي وئي آهي جنهن ۾ چٽاڀيٽي اگهن تي اشتهارن جي لاءِ موجوده مالياتي حڪمت عملي کي بهتر بڻائڻ، بجيٽ ڪنٽرول قدمن کي لاڳو ڪرڻ ۽ آپريشنل لاڳت ۾ گهٽتائي شامل آهي. هيومن ريسورس جي اصلاح جي حوالي سان مئنيجنگ ڊائريڪٽر پي ٽي وي ٻڌا??و ته پي ٽي وي جي ملازمن کي جديد نشرياتي ٽيڪنالاجي، مواد جي تخليق ۽ انتظام جي تربيت فراهم ڪئي ويندي ته جيئن جدت کي فروغ ڏئي سگهجي ۽ باصلاحيت تخليقي نوجوان ٽيلينٽ کي سامهون آڻي سگهجي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبرن پي ٽي وي کي پنهنجي ناظرين جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ موجوده دور جي گهرجن موجب تبديلي جي ضرورت تي زور ڏنو. هن عوام جو اعتماد حاصل ڪرڻ جي لاءِ پي ٽي وي جي حالات حاضره جي پروگرامن ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن کي گهرائڻ تي پڻ زور ڏنو. ڪميٽي ميمبرن پي ٽي وي ۾ پروڊڪشن سهولتن جي بحالي تي زور ڏنو جنهن کي ماضي ۾ سڄي دنيا ۾ س??راهيو ويو هو. هن قومي خزاني تي بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ سرڪاري ميڊيا ادارن جا وسيلا گڏ ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني. ڪميٽي سمورين پي ٽي وي اسٽيشنن تي عملي، انفراسٽرڪچر ۽ گاڏين جي تفصيل کانسواءِ نجي شعبي مان ڀرتي ڪيل اينڪرز کي ملندڙ پئڪيجز جا تفصيل فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪميٽي جي ايندڙ ا??لا?? ۾ اداري جي مارڪيٽنگ جي حڪمت عملي بابت جامع پريزنٽيشن وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ا??لا?? ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن محمد حنيف عباسي، ڪرن عمران ڊار، مهتاب اڪبر راشدي، شرميلا فاروقي، سحر ڪامران، سيد امين الحق، محمد مقداد علي خان، مولانا عبدالغفور حيدري، بئريسٽر دانيال چوڌري، اطلاعات ۽ نشريات وار?? پارلياماني سيڪريٽري، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سيڪريٽري، پي ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر، پرنسپل انفارميشن آفيسر پي آءِ ڊي، ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو پاڪستان، پيمرا چيئرمين ۽ لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.
قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پاران پاڪستان ٽيليويزن جي ماضي ۾ سڄي دنيا ۾ ساراهجندڙ تشخص جي بحالي جي لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور، پي ٽي وي کي منافعو ڏيندڙ ادارو بڻائڻ لاءِ موجوده بنيادي ڍانچي ۽ انساني وسيلن جي ڀرپور استعمال جي تجويز
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس