اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي)اقتصادي معاملن بابت وفاقي وزير احد خان چيما بيلاروس جي سيڙپڪارن کي ??اڪ??تان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ذ??يع?? ملڪ ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ شفاف نظام قائم ٿيو آهي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن هتي بيلاروس جي توانائيءَ واري وزير اليڪسي ڪوشنرنيڪو سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن ۽ واپاري حڪمت عملين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. احد خان چيما پاڪ- بيلاروس گڏيل وزارتي ڪميشن ۾ شرڪت تي بيلاروس جي توانائيءَ واري وزير جي آجيان ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري حڪمت عملي 2025-2027ع کي اهم قرار ڏنو جيڪو ??اڪ??تان جي معيشت جي بحاليءَ لاءِ هڪ هاڪاري قدم آهي. هن بيلاروس سيڙپڪارن کي ??اڪ??تان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ جي دعوت ڏني ۽ چيو ته ايس آءِ ايف سي ذ??يع?? ملڪ ۾ سيڙپڪاريءَ جو شفاف نظام قائم ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير ستين گڏيل وزارتي ڪميشن جي فيصلن تي عملدرآمد جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ ٽيڪسٽائل انڊسٽريءَ بابت مفاهمتي يادداشتن تي صحيح کي سٺي اڳڀرائي قرار ڏنو. هن ٻُڌايو ته هلندڙ سال آڪٽو??ر ۾ وزيراعظم شهباز شريف بيلاروس جو دؤرو ڪندو، جڏهن ته نومبر ۾ صدر مملڪت شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ بيلاروس ويندو. بيلاروس جي وزير ??اڪ??تان سان مختلف شعبن ۾ سهڪار تي راضپي جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته گڏيل وزارتي ڪميشن جي فيصلن مان هاڪاري نتيجا حاصل ٿيندا. هن زراعت جي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي ف??اه?? ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
بيلاروس جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي: وفاقي وزير احد چيما
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ