اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 5 آءِ پي پيز سان ٿيندڙ معاهدا انهن جي گڏيل رضامندي سان ختم ڪيا ويا آهن، انهن آءِ پي پيز قومي مفاد کي ذاتي مفاد تي مٿانهون رکيو، ان سان 411 ارب رپين جي بچت ٿيندي، معيشت جي بهتري ??اء?? تيزي سان قدم کنيا پيا وڃن، اسان جي معيشت مسلسل استحڪام طرف گامزن آهي، پرڏيهي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته الله جو شڪر آهي ته ملڪي معيشت استحڪام جي راهه تي گامزن آهي، گذريل ڏينهن هڪ ٻي خوشي جي خبر آئي ته اسان جو ٽه ماهي پرڏيهي ناڻو 8 ارب 80 ڪروڙ ڊالر کان ٽپي ويو آهي، جيڪو ماضي جي سڀني ٽه ماهي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن جي ڀيٽ ۾ هڪ رڪارڊ آهي، ان جي ??اء?? عظيم ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جا ٿورا ادا ڪريان ٿو جيڪي ڏينهن رات محنت ڪري پنهنجي حلال رزق ڪم??ئي موڪلين ٿا، اهو ان ڳالهه کي واضح ڪري ٿو ته پاڪستان جي معيشت هاڻي اڳتي وڌي رهي آهي. ان حوالي سان اڃا وڌيڪ سفر طئي ڪرڻو آهي جنهن ۾ ماضي وانگر چئلينجز به ايندا جڏهن ته جهڙي طرح 7 مهينن ۾ چئلينجز جو هڪ ٽيم جي طور تي مقابلو ڪيو ۽ الله تعاليٰ اسان جي محنت ۽ خلوص جو صلو ڏنو، اهڙي طرح اڳتي به گڏيل ڪوششن سان انهن چئلينجز تي ضابطو آڻينداسين. هن چيو ته پاڪستان جي عام ماڻهو مهانگائي، مهانگي پاليسي وياج جي شرح، کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ اضافي سميت بي پناهه مشڪلاتن کي منهن ڏنو آهي، پاڪستان جي عوام تحمل ۽ صبر سان اهي مشڪلاتون ڪٽيُون، اڃا به ائين نه آهي ته اهي مشڪلاتون مڪمل ختم ٿي ويون هجن پر انهن ۾ آهستي آهستي بهتري اچي رهي آهي، قوم جيڪي قربانيون ڏنيون آهن ان تي اسان سڀ انهن جا ٿورائتا آهيون. وزيراعظم چيو ته گرمي جي موسم ۾ 50 ارب رپين سان 200 يونٽ ماهوار استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين کي ريليف ڏنو، پنجاب حڪومت به ٻن مهينن جي ??اء?? بجلي جي بلز ۾ 50 ارب رپين کان وڌيڪ جو ريليف ڏنو، هي اهي قدم آهن جن سان اهو اشارو ملي ٿو ته وفاقي ۽ صوب??ئي حڪومتون عوام کي درپيش مسئلن کان نه رڳو پوري طرح آگاهه آهن پر انهن کي ريليف ڏيڻ جي ??اء?? به ضروري قدم کڻي رهيون آهن. وزيراعظم چيو ته سياسي پوائنٽ اسڪورنگ کانسواءِ چوان ٿو ته ماضي ۾ هڪ سنگدل حڪمران آيو جنهن اهو چيو ته مهانگ??ئي سان سندس ڪو واسطو نه آهي، جيتوڻيڪ موجوده حڪومت عوام جي نمائنده حڪومت آهي ۽ اسان کي عوام کي درپيش مسئلن جو پُورو پتو آهي ۽ اسان گڏجي انهن مسئلن جي حل ??اء?? جيڪو ممڪن ٿيو اهو ڪري رهيا آهيون، مهانگ??ئي جي شرح 32 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 6.7 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، اسان جي قوم سان اها ڪمٽمنٽ 2026ع تائين هئي پر الله تعاليٰ جي خصوصي فضل ۽ ڪرم سان اهو ممڪن ٿيو ۽ اڄ مهانگ??ئي هڪ انگ تي اچي وئي آهي، اسان عارضي قدمن سان گڏوگڏ ڊگهي مدي واري ريليف قدمن جي ??اء?? به ڪوششون ڪري رهيا آهيون، بجلي چوري کي روڪڻ، لائين لاسز ۾ گهٽت??ئي ۽ ملڪي آءِ پي پيز سان معاهدا وڏا چئلينجز آهن، اهي آءِ پي پيز منافعو ڪم??ئي چڪا آهن، اهي پنهنجي سيڙپڪاري جي لاڳت نه رڳو پوري چڪا آهن پر وڏا منافعا به حاصل ڪري چڪا آهن، ان جي ??اء?? موجوده حڪومت 7 مهينن ۾ ڀرپور ڪوشش ڪئي، اسان جي قائد نواز شريف بجلي جي قيمتن ۾ گهٽت??ئي جي ??اء?? بار بار اسان کي هدايتون ڏئي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته توان??ئي جي پوري ٽيم ۽ ٽاسڪ فورس پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي. انهن خلوص سان ڏينهن رات محنت ڪئي آهي، ان ۾ ڪيتر??ئي چئلينجز به درپيش رهيا، اهو ڪو آسان ڪم نه آهي. هن چيو ته قوم کي هو خوشخبري ڏيڻ چاهي ٿو ته 5 آءِ پي پيز گڏيل رضامندي ۽ قومي مفاد کي نظر ۾ رکندي اڄ کانپوءِ معاهدا مڪمل ختم ڪري ڇڏيا آهن. انهن کي رهتون جن ۾ وياج شامل نه آهي جي ادائيگي ڪئي ويندي، ان سان صارفين کي 60 ارب رپيا ساليانو ريليف ملندو. بجلي جي قيمت گهٽ ٿيندي، آءِ پي پيز جي مالڪن رضاڪاراڻي طور تي ان کي قبول ڪيو آهي، جنهن تي انهن جا ٿورا ادا ڪريون ٿا. آءِ پي پيز سان معاهدن جي خاتمي سان 411 ارب رپين جي بچت ٿيندي. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي بهتر قدمن جي مدد ۾ صدر آصف علي زرداري سميت اتحادي پارٽين جا ٿورا مڃُون ٿا، معاشي بهتري ۾ ڪردار تي آرمي چيف جا خصوصي ٿورا مڃان ٿو. هن چيو ته آمريڪا ۾ آءِ ايم ايف جي سربراهه سان ملاقات دوران کيس ان حساسيت کان آگاهه ڪيو ته جيڪڏهن بجلي جون قيمتون خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هونديون ته هتي صنعت ۽ زراعت ترقي نه ٿي ڪري سگهي ۽ نه ئي برآمدات وڌي سگهي ٿي. هن چيو ته اسان جي ٽيم آءِ ايم ايف وٽ وڃي رهي آهي، ناڻي واري وفاقي وزير سان گڏ توان??ئي وارو وفاقي وزير ۽ خصوصي صلاحڪار به ويندا ۽ آءِ ايم ايف کي سڄو ڪيس سمجهائيندا. ناڻي واري وفاقي وزير کي اڳ ۾ ئي آءِ ايم ايف اهم اسپيڪر طور گهر??ئي رهيو آهي جيڪو اسان جي ??اء?? اعزاز آهي. وزيراعظم چيو ته ناڻي واري وفاقي وزير جي بي پناهه ڪوششن ۽ چين ۽ سعودي عرب جي تعاون سان آءِ ايم ايف پروگرام تي معاهدو ٿيو. وزيراعظم چيو ته 5 آءِ پي پيز سان معاهدا ختم ڪرڻ برسات جي پهرين ڦُڙي آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ خوشخبريون ملنديون.
5 آءِ پي پيز سان ٿيندڙ معاهدا انهن جي گڏيل رضامندي سان ختم ڪيا ويا آهن، انهن آءِ پي پيز قومي مفاد کي ذاتي مفاد تي مٿانهون رکيو، ان سان 411 ارب رپين جي بچت ٿيندي، معيشت جي بهتري لاءِ تيزي سان قدم کنيا پيا وڃن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک