اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) گلگت بلتستان ۽ ڪشمير معاملن بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته شنگهائي تعاون ت??ظيم جو اسلام آباد ۾ ٿيندڙ اجلاس پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي هڪ وڏي ڪاميابي آهي، اها ڪاميابي وزيراعظم پاڪستان محمد شهباز شريف ۽ سندس ڪابينه جي ڏينهن رات محنت ۽ ڪوششن جو نتيجوآهي. ڪالهه هتي جاري بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته شنگهائي تعاون ت??ظيم ڪانفرنس جو رٿجڻ بيشڪ موجوده حڪومت جي اثرائتي ڪارڪردگي ۽ بهترين سفارتڪاريءَ جو چِٽو ثبوت آهي، ان جو مطلب آهي ته سڄي دنيا پاڪستان ت?? اعتماد جو اظهار ڪري رهي آهي. ان ڪانفرنس جو رٿجڻ سان پاڪستان کي دوست ملڪن سان ثقافتي، واپاري، تاريخي ۽ سلامتي جي لاڳاپا وڌيڪ بهتر بنائڻ جو موقعو ملندو. پاڪستان کي شنگهائي تعاون ت??ظيم جي شريڪ ملڪن سان علائقائي استحڪام جي مختلف ش??بن ۾ تعاون وڌائڻ جو موقعو ملندو. هن چيو ته ان سان پاڪستان ۾ واپاري ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ ۽ عالمي سيڙپڪارن ۾ واڌ جو رجحان پيدا ٿيندو، جنهن سان ملڪ جي بهتري ۽ خوشحاليءَ لاءِ نيون راهون هموار ٿينديون. هن چيو ته شنگهائي تعاون ت??ظيم ڪانفرنس خطي جي معاشي، اقتصادي ۽ سيڪيورٽي صورتحال جي حوالي سان ت??صيلي جائزو به وٺندي ۽ ان ۾ شرڪت ڪندڙ ملڪن جو نه صرف پاڪستان ت?? اعتماد وڌندو پر واپار ۽ ٻين ش??بن ۾ تعاون کي پڻ اثرائتي هٿي ملندي. هن چيو ته شنگهائي تعاون ت??ظيم جو انهن حالتن ۾ بندوبست ڪرڻ پاڪستان جي وزيراعظم جي سياسي ۽ سفارتي سنجيدگيءَ کي ظاهر ڪري ٿو، ملڪ وڌيڪ سفارتي اڪيلائپ کي برداشت نٿو ڪري سگهي، اسان کي هر پل ملڪي مفادن لاءِ تابعدا رهڻو آهي ته جيئن ملڪ کي علائقائي ۽ عالمي سطح تي پيش ايندڙ چئلينجن جو مقابلو ڪري سگهجي، ملڪ کي سفارتي سطح تي پيش ايندڙ اڪيلائيپ مان ڪڍڻ جو ڪريڊٽ به پاڪستان مسلم ليگ (ن) ڏانهن وڃي ٿو. امير مقام وڌيڪ چيو ته آل پارٽيز ڪانفرنس جو بندوبست ڪرڻ پڻ وزيراعظم پاڪستان جي هڪ وڏي ڪاميابي آهي، جنهن ۾ اسرائيلي ڏاڍ ۽ بربيت ۽ انساني حقن جي بدترين پائمالين جي خاتمي لاءِ گڏيل طور تي فيصلو ڪيو ويو آهي ت?? اسرائيلي دهشتگردي جيڪا لبنان، ايران، فلسطين ۽ ٻين ملڪن تائين ڦهلجي رهي آهي، ان جي ازالي لاءِ مسلم اُمت گڏ ٿئي ۽ اهڙو لائحه عمل اختيار ڪري جنهن سبب اسرائيل دهشتگردي ظلم ۽ بربريت جو مڪمل طور تي خاتمو ڪري سگهجي.
شنگهائي تعاون تنظيم جو اجلاس هتي ٿيڻ حڪومت جي وڏي ڪاميابي آهي: انجنيئر امير مقام
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب