راولپنڊي-15 آڪٽوبر (اي پي پي) اٽلي بحريه جا ايئرڪرافٽ ڪيريئر ڪاوور ۽ فريگيٽ الپينو پاڪستان جي دؤري تي پهچي ويا. ڪراچي بن??رگاهه تي ايندڙ اهو اٽلي جو پهريون ايئرڪرافٽ ڪيريئر آهي. آءِ ايس پي آر موجب جهاز جي ڪراچي پهچڻ تي پاڪ بحريه جي اعليٰ عملدارن ۽ اٽلي جي سفير جهازن ??و استقبال ڪيو. اٽلي جي جهاز سان گڏ اٽلي نيوي جا اعليٰ عملدار ۽ دفاعي صنعت جي وفد به ڪراچيءَ جو دؤ??و ڪيو. ڪمانڊر ڪراچي وائيس ايڊمرل فيصل عباسي اٽلي ايئرڪرافٽ ڪيريئر جو دؤ??و ڪيو. اٽلي جي سفير ۽ بحريه جي اعليٰ عملدارن ڪمانڊر پ??ڪستان فليٽ سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ مستقبل ۾ بحري ڀائيواري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. دؤري دوران پاڪستان بحريه ۽ اٽلي ايئرڪرافٽ ڪيريئر اسٽرائيڪ گروپ خاص طور تي جديد F-35 Lightning II ويڙهاڪ جهاز مختلف مشقون به ڪندا. اٽلي جي سفير جو چوڻ هو ته پاڪ بحريه خطي جي اهم بحري قوت آهي ۽ پاڪ- اٽلي معاشي ۽ دفاعي سهڪار جا روشن امڪان آهن.
اٽلي بحريه جا ايئرڪرافٽ ڪيريئر ڪاوور ۽ فريگيٽ الپينو پاڪستان جي دؤري تي پهچي ويا
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis