اسلام آباد- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي غاصباڻي قبضي جا 77 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ڪشميري عوام سان پنهنجي پختي يڪجهتي جو ورجاءُ ڪن ٿا. ترجمان ان اهم موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ پاڪستان جي صدر، وزير??عظ?? ۽ نائب وزير??عظ?? ۽ پرڏيهي وزير ڪشميري عوام جي خود اراديت واري حق لاءِ ڪشميري عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو آهي. نائب وزير??عظ?? ۽ پرڏيهي وزير گڏيل قومن ۽ اسلامي تعاون تنظيم جي قيادت کي خط لکيا آهن جن ۾ غير قانوني والاريل ڄمون ڪشمير جي موجوده صورتحال کي اجاگر ڪيو ويو آهي. هن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي مڪمل عملدرآمد جو مطالبو ڪيو ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين کي روڪڻ لاءِ عالمي قدمن تي زور ڀريو جنهن ۾ ڪشميري سياسي قيدين ۽ مخالفن جي آزادي به شامل آهي. پرڏيهي سيڪريٽري اسلام آباد ۾ قائم سفارتي مشنز کي ڄمون ڪشمير تڪرار جي گهڻ رخي قانوني، سلامتي ۽ انساني حقن جي رخن بابت بريف ڪيو، جنهن ذريعي ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل لاءِ پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪيو ويو. يڪجهتي جي اظهار لاءِ اسلام آباد ۾ ڪانسٽيٽيوشن اوينيو ??ان ڊي چوڪ تائين يڪجهتي واڪ منعقد ڪيو ويو جنهن جي قيادت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ڪئي. سڄي پاڪستان ۾ ڪشميرين جي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ عوامي ريليون، سيمينارز ۽ تصويري نمائشن سميت تقريبون منعقد ڪيون ويون. سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي سفارتي مشنز ڄمون ڪشمير تڪرار بابت عالمي سطح تي شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ خصوصي تقريبن جي ميزباني ڪئي.
ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي غاصباڻي قبضي جا 77 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ڪشميري عوام سان پنهنجي پختي يڪجهتي جو ورجاءُ ڪن ٿا: پرڏيهي آفيس جي ترجمان
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب