اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال پاڪستاني ڄائي آمريڪي پروفيسر مدثر وائين سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران تعليم وارو وفاقي وزير خالد مقبول صديقي، ايڇ اي سي جو ڊائريڪٽر ڪوالٽي انشورنس ۽ پلانگ ڪميشن جا ميمبر پڻ موجود هئا. پروفيسر مدثر وائين جيڪو ڪيليفورنيا ۾ ڪوالٽي انشورنس جو ماهر ۽ ڪمپيوٽر سائنس ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي آمريڪي بورڊ آف انجينرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي مان مڃيل ڪوالٽي انشورنس جي اصولن تي روشني وڌي. وفاقي وزير احسن اقبال پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ماهرن جي ملڪ ۾ ترقي واري ڪردار جي تعريف ڪندي چيو ته اڏام پاڪستان پروگرام تحت اهڙن ماهرن جي علم ۽ تجربي مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته 2023ع ۾ ايڇ اي سي ۽ ب??ٽش ڪونسل جي سهڪار سان پاڪستاني يونيورسٽين کي تيار ڪيو ويو آهي، ڪوالٽي انشورنس فريم ورڪ نه صرف تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ مثالي آهي پر اهو پاڪستاني تعليمي نظام جي ??رو??تن کي پڻ پورو ڪري ٿو. احسن اقبال فريم ورڪ تي اثرائتي عملدرآمد جي ??رو??ت تي زور ڀريو ته جيئن اعلي تعليمي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي.
وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال سان پاڪستاني ڄائي آمريڪي ڊاڪٽر پروفيسر مدثر وائن جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha