اسلام آباد-01 آگسٽ (اي پي پي)چين جي ص??ر شي جن پنگ چيو آهي ته سي پيڪ بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئٽو جو اهم اولين منصوبو آهي. 2013ع ۾ ان جي افتتاح کان هاڻي تائين ٻئي ملڪ گڏيل مشاورت، گڏيل تعمير ۽ گڏيل شيئرنگ جي اصولن مطابق سي پيڪ منصوبن جي تعمير کي اڳتي وڌائي رهيا آهن ۽ ان حوالي سان ڪيترائي شروعاتي ثمر حاصل ڪيا ويا آهن، جن جي ڪري نه صر?? پاڪستان جي اقتصادي ۽ سماجي ترقيءَ کي نئين قوت ملي آهي پر خطي ۾ گڏيل رابطي ۽ ضم ٿيڻ جي عمل لاءِ به سٺو بنياد وڌو ويو آهي. سي پيڪ چي?? ۽ ??اڪستان وچ ۾ چئني موسم جي دوستيءَ جو پاڻ ڳالهائيندڙ ثبوت بڻجي چڪو آهي. اها راهداري ٻنهي ملڪن وچ ۾ نئين دؤر ۾ چ??ن پاڪ هم نصيب معاشرو جوڙڻ ۾ اهم حمايت به فراهم ڪري رهيو آهي. گذريل ڏينهن چائينا ??يڊيا گروپ مطابق چيني ص??ر چين پاڪ اقتصادي راهداري جي افتتاح جي 10هين سالگره تقريب تي مبارڪباد جي پيغام ۾ زور ڀريو ته مستقبل ۾ چ??ن پاڪستان سان گڏجي اعليٰ معياري، پائيدار ۽ عوام دوست هدفن تي قائم رهندي منصوبا بندي ۽ انتظامن کي بهتر بنائڻ ۽ سهڪار کي واڌ ڏيڻ جو خواهشمند آهي ته جيئن سي پيڪ کي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئٽو جي اعليٰ معيار کان گڏيل تعمير جي شعبي ۾ هڪ مثالي منصوبو بنايو وڃي.
سي پيڪ بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئٽو جو اهم اولين منصوبو آهي: چيني صدر
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری