ماسڪو-08 مارچ (اي پي پي) روس ڪيترن ئي آمريڪي سفارتڪارن کي ملڪ بدر ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي.روس جي پرڏيهي وزارت موجب ماسڪو ۾ مقرر آمريڪي سفير لين ٽريسي کي ٻڌايو ويو ته روس ۾ ڪم ڪندڙ آمريڪي سفارتڪار جن کي ??وس?? حڪومت پاران ناپسنديده ق??ار ڏنو ويو آهي ۽ مختلف غير سرڪاري تنظيمن سان ڪم ڪرڻ چاهين ٿا انهن کي ملڪ بدر ڪري سگهجي ٿو.بيان ۾ چيو ويو آهي ته روس جي پرڏيهي وزارت طرفان آمريڪي سفير کي طلب ڪري ان کي ٽن اين جي اوز جي تبديل ٿيل قانوني حيثيت جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو آهي.روس جو موقف آهي ته انهن اين جي اوز جن کي ماسڪو ۾ آمريڪي سفارتخاني جي حمايت حاصل آهي روس مخالف منصوبن تي ڪم ڪري رهيون آهن جن جو مقصد تعليمي ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي آڙ ۾ ايجنٽ ڀرتي ڪرڻ آهي.??وس?? پرڏيهي وزارت پاران آمريڪي سفير کي هڪ باضابطه نوٽ جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته اهي آمريڪي سفارتخاني پاران انهن پابندي پيل گروپن سان سمورا لاڳاپا ختم ڪن ۽ سفارتخاني جي ويب سائيٽ تان انهن ٽنهي اين جي اوز بابت مواد کي ختم ڪن.??وس?? قانون موجب ناپسنديده ق??ار ڏنل اين جي اوز جا ڪيترائي حق ختم ڪيا ويا آهن، اهي اين جي اوز روس ۾ پنهنجون آ??يس??ن کولي نيٿون سگهن ۽ نه ئي مالياتي نظام کي استعمال ڪري سگهن ٿيون. جڏهن ته اهي اين جي اوز پنهنجي نالي سان ڪجهه به شايع نٿا ڪرائي سگهن.
روس جي آمريڪي سفارتڪارن کي ملڪ بدر ڪرڻ جي ڌمڪي
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais