بيجنگ -16 اپريل (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي چيو آهي، ته سعودي عرب وچ اوڀر ۾ چين جو اهم ڀ??ئي??ار آهي. چين جي ميڊيا مطابق پرڏيهي وزير وانگ يي پنهنجي سعودي عرب جي هم منصب فيصل بن فرحان السعود سان اڱاري ڏينهن ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ هن چيو ته چين شام ۾ ايران جي سفارتخاني تي حملي جي سختي سان مخالفت ڪري ٿو، جيڪا عالمي قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته چين سفارتي ذريعن سان مسئلن جي حل لاءِ سعودي عرب جي ڪوششن جي واکاڻ ڪري ٿو. وانگيي ا?? ڳالهه تي زور ڀريو ته هن وقت اولين ترجيح گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تي سختي سان عمل ڪرڻ، فوري طور تي غير مشروط ۽ جٽادار جنگبندي، شهرين کي اثرائتي طريقي سان تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ انساني ا??داد کي يقيني بڻ??ئڻ آهي. فلسطين جي عوام جي جائز قوم?? حقن جي تدارڪ ۾ ناڪامي ئي فلسطين اسر??ئي?? مسئلي جي شروعات ۽ وچ اوڀر جي مسئلي جو بنيادي سبب آهي. ان مسئلي کي حل ڪرڻ جو طريقو اهو آهي ته ٻه رياستي حل تي جلد عمل ڪيو وڃي. هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪئي وڃي، فلسطين جي عوام جي جائز قوم?? حقن کي بحال ڪيو وڃي. فلسطين ۽ اسر??ئي?? وچ ۾ پرامن بقا کي يقيني بڻايو وڃي.
سعودي عرب وچ اوڀر ۾ چين جو اهم ڀائيوار آهي: چين جو پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج