تهران _ 28 آگسٽ (اي پي پي ) ايران جي سپريم ليڊر ??يت الله سيد ع??ي خامنه اي ملڪ جي ايٽمي پروگرام جي حوالي سان آمريڪا سان ڳالهين جا دروازا کولي ڇڏيا آهن. پرڏيهي اداري مطابق ??يت الله خامنه اي صدر مسعود پيز شڪيان جي انتظام هيٺ ايراني حڪومت کي ٻڌايو ته دشمن سان ڳالهيون ڪرڻ ۾ ڪا رڪاوٽ ناهي، جڏهن ته هن پنهنجو اهو موقف به ورجايو ته آمريڪا اعتبار جوڳو ناهي. سرڪاري ٽيليويزن تي نشر بيان ۾ سيد ع??ي خامنه اي چيو آهي ته اسان کي پنهنجون اميدون دشمن مان نه رکڻ گهرج??، پنهنجن منصوبن لاءِ اسان کي دشمن جي منظوري جو انتظار نه ڪرڻ گهرجي. سن??س چوڻ هو ته اهو تضاد ناهي ته دشمن سان ڪجهه موقعن تي ڳالهيون ڪيون وڃن ۽ ان حوالي سان ڪا رڪاوٽ ناهي. ??يت الله خامنه اي (جنهن کي سمورن رياستي معاملن ۾ حتمي اختيار حاصل آهي) صدر پيز شڪيان جي حڪومت کي خبردار ڪيو آهي ته دشمن تي ڀروسو نه ڪيو وڃي.
ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي پاران ايٽمي پروگرام بابت آمريڪا سان ڳالهين جي اجازت، دشمن تي ڀروسو نه ڪرڻ جو مشورو
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ