ماسڪو-04 آڪٽوبر(اي پي پي )روس اسرائيل ۾ موجود پنهنجن شهرين کي ملڪ ڇڏڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيل ۾ رو?? جي سفير اناتولي وڪٽروف خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ??بب رو?? جي شهرين تي زور ڀريو آهي ته هو اسرائيل ڇڏي ڏين. اناتولي وڪٽروف وچ اوڀر ۾ تيزي سان وڌندڙ ڇڪتاڻ ??ي ڳڻتي جو اظهار ڪي?? . رو?? جي سفير چيو ته اسان اسرائيل ۾ موجود پنهنجن شهرين کي مشورو ڏئي رهيا آهيون ته جيستائين اتان باقاعده اڏامون هلي رهيون آهن ملڪ مان نڪري وڃن. اناتولي وڪٽور فروسي شهرين تي زور ڀريو آهي ته هو اسرائيل جي سفير بابت فيصلو ??رڻ کان اڳ پنهنجي زندگي ۽ صحت تي لاڳو خطرن تي غور ڪن. رو?? جي سول ايوي ايشن ايجنسي جي سفارشن موجب ڪيتريون ئي روسي ايئرلائنز هن هفتي جي شروعات ۾ اسرائيل – ايران ۽ عراق لاءِ اڏامون ملتوي ڪيون آهن. ان کان اڳ رو?? جي نائب وزيراعظم کي کڻي ويل دوحه ويندڙ جهاز کي اسرائيل ۾ ايراني ميزائل حملي سبب رستي ۾ موڙيو ويو جنهن کان پوءِ اهو جهاز واپس روس اچي ويو هيو.
روس پاران پنهنجن شهرين کي اسرائيل ڇڏڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا