ڪابل – 06 اپ??يل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي افغانستان جي صدر ا??رف غني جي دعوت تي پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف، گهرو وزير ا??سن اقبال، خيبرپختونخوا جي گورنر اقبال ظفر جهڳڙا ۽ قومي سلامتي واري صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر خان جنجوعه سان گڏ ڪابل جو دورو ڪيو، افغان صدر ۽ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي وچ ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات کانپوءِ افغان صدارتي محل ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون، هن افغانستان ۾ امن ۽ مصالحت، دهشتگردي جي خاتمي، افغان پناهگيرن جي واپسي، ٻه طرفي واپار ۽ علائقائي رابطن سميت پاڪ افغان لاڳاپن جي سمورن رخن تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي ??تفاق ڪيو ته افغانستان پاڪستان ايڪشن پلان براءِ امن ۽ يڪجهتي گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي وسيع بنياد ۽ منظم رابطي جو مفيد فريم ورڪ فراهم ڪري ٿو. هن امن ۽ يڪجهتي لاءِ پاڪ افغان ايڪشن پلان تحت پنج ورڪنگ گروپس کي فعال بڻائڻ جو فيصلو ڪيو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي افغانستان ۾ امن ۽ مصالحت جي افغان صدر ا??رف غني جي ويزن ۽ طالبان کي امن ڳالهين جي سندس آڇ جي آجيان ڪئي.
وزيراعظم شاهد خاقان عباسي افغانستان جي صدر جي دعوت تي ڪابل جو دورو ڪيو
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔