اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ??هي ته پاڪستان ڪڏهن به اڪيلو نه هو، پرڏيهي پاليسي ڪامياب رهي آهي، ملڪ ۾ دهشتگردن جا ڪنهن به قسم جا ڪي ڳجها ٺڪاڻا نه آهن، دهشتگردي خلاف دنيا جي سڀ کا وڏي جنگ وڙهي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته بحران، مشڪلاتون ۽ چئلينجز ايندا رهندا آهن، حڪومت جو ڪم انهن جو مقابلو ڪرڻ ??هي ۽ اهو اسان ڪري رهيا آهيون، گڏيل قومن جون جيڪي به قراردادون آهن اسان انهن جي مڪمل تعميل ڪريون ٿا، حڪومت سمورن مسئلن کي خوش اسلوبي سان حل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. هڪ سوال ??ي جواب ۾ هن چيو ته اهي خطرا نه آهن پر مسئلا آهن جن جو اظهار مختلف فورمن تي ڪجهه ملڪن ??يو ??هي جنهن جو پاڪستان وڏو واضح جواب به ڏئي ڇڏيو ??هي ۽ اسان جو ان حوالي سان جواب وڏو واضح ??هي ته پاڪستان ۾ دهشتگردن جا ڪنهن به قسم جا ڳجها ٺڪاڻا نه آهن ۽ نه ئي پاڪستان ڪنهن قسم جي دهشتگردي جي حمايت ڪري ٿو پر پاڪستان ته هن وقت دهشتگردي جي خلاف دنيا جي سڀ کان وڏي جنگ وڙهي رهيو آهي.
پاڪستان ڪڏهن به اڪيلو نه هو، پرڏيهي پاليسي ڪامياب رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن