اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا سڄي ملڪ جي جيلن ۾ غريب ۽ پيڙهيل قيدين جي قانوني امداد ۽ ڏنڊ جي ادائيگي جي لا??ِ ڪميٽي جوڙڻ، جڏهن ته قومي رستن تي سفر کي وڌيڪ محفوظ بڻائڻ جي لا??ِ نيشنل روڊ سيفٽي ڪائونسل قائم ڪرڻ، فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز فائونڊيشن کي فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ اٿارٽي بڻائڻ، ڪامسيٽس يونيورسٽي جي داخلا ۽ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ، هوابازي جي شعبي سروسز ۽ ريگيوليشن کي جدا ڪرڻ، انساني حقن بابت قومي ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرن ۽ عورتن جي حقن بابت قومي ڪميشن ۽ نيشنل ڪميشن آن اسٽيٽس آف وومين جي چيئرمين جي مقرري جي لا??ِ مناسب اميدوار جي چونڊ جي لا??ِ اشتهار ڏيڻ، عمران ناصر خان کي پاڪستان ايگ??يڪ??چرل اسٽوريج اينڊ سروسز ڪارپوريشن کي مئنيجنگ ڊائ??يڪ??ر، ندا رضوان کي انرجي ايفيشينسي اينڊ ڪنزرويشن اٿارٽي (نيڪا) جي مئنيجنگ ڊائ??يڪ??ر، رانا عبدالجبار خان کي الٽرنيٽ انرجي ڊولپمينٽ بورڊ جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊ??ڪٽر فردوس عاشق اعواڻ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا بلوچستان ۽ وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن ۽ راولپنڊي ۾ تربيتي جهاز حادثي ۾ شهيد ٿيندڙن جي لا??ِ فاتحه خ??اني ڪئي.
وفاقي ڪابينا مختلف فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي: فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت