اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي ڪوشش آهي ته مديني جي رياست جو تصور مان پوري طرح سان رهنمائي حاصل ڪري ملڪ کي هڪ فلاحي رياست جي شڪل ۾ آڻيُون، اهو هڪ مسلسل ۽ صبر طلب رستو آهي پر اسان قوم جي حيثيت ۾ ان سفر جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي انشاءُ الله منزل وڌيڪ پري ناهي ۽ تمام جلد ان جا مثبت اثر پوندا، آئون اڄ معلمِ ان??ان??ت حضرت محمد ﷺ خاتم النبيين جي يوم والادت جي موقعي تي وطن واسين کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ۽ الله تعاليٰ کان دعا گهران ٿو ته اهو مهينو مبارڪ اسان سڀني جي لاءِ رحمت ثابت ٿئي، عيد ميلاد النبي 1442 هه 2020ع جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته سرور ڪائنات حضرت محمد ﷺ خاتم النبيين جي حيثيت ان ڪائنات ۾ ان بي مثال آفتاب جي آهي جيڪو غار حرا مان اڀريو ۽ سڄي ڪائنات کي رحمت ۽ همدردي جي نور سان منور فرمايو، هن چيو ته خاتم النبيين جي بي مثل تعليمات رهندي دنيا تائين جي نظام ۽ ان??ان?? جي لاءِ مشعل راهه آهن، پاڻ صه خاتم النبيين جي سڄي زن??گي جهد مسلسل، ان??ان??ت جي رهنمائي ۽ دنيا ۽ آخري جي ڀلائي تي مشتمل عظيم نظام جي قيام سان لکيل آهي، پاڻ صه اڄ کان 14 س??و سال پهرين پنهنجي زن??گي جي مختصر عرصي ۾ هڪ اهڙي مثالي فلاحي رياست قائم ڪري ڏيکاري جنهن جي مثال اڄ تائين نٿو ملي.
اسان قوم جي حيثيت ۾ مديني جي رياست طرف سفر جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں