اسلام آباد-10 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته حڪومت غريب ۽ پگهاردار طبقي تي بار نه وڌائيندي، روانگي ۽ پيداوار ۾ اضافي لاءِ جامع منصوبابندي سا?? اڳتي وڌينداسين، حڪومت ڪووڊ 19 جي حوالي سا?? دانشمند پاليسيون اختيار ڪيون ۽ ڪورونا وائرس جا اثر گهٽ ڪرڻ يا ختم ڪرڻ طرف وڌي ميگا اقتصادي پيڪيج تحت خصوصي رعايتن سا?? وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ 9 سيڪڙو ۽ زراعت ۾ 2.77 سيڪڙو وڌي. ڪڻڪ، چانور، مڪئي ۽ ڪمنڊ جا بمپر پيداوار ح??صل ٿيا، مالي سا?? جي پهرين 11 مهينن ۾ ناڻي جي اؤسر واري شرح جي مد ۾ 26 ارب ڊالر ح??صل ٿيا ۽ سا?? جي پڄاڻيءَ تي 29 ارب ڊالر ٿي ويا. ناڻي اؤسر واري شرح ۾ واڌ وزيراعظم عمران خان جي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي اعتماد جو مظهر آهي، ايندڙ مالي سا?? لاءِ محصولن جو هدف 5800 ارب رپيا رکيو پي?? وڃي، گردشي قرضن جي خاتمي جي لاءِ قدم کنيا ??يا ??ڃن. گذريل ڏينهن قومي اقتصادي سروي 21-2020ع جاري ڪرڻ جي موقعي تي وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ روينيو بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود سا?? گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته موجوده مالي سا?? جڏهن شروع ٿيو ته ڪووڊ 19 جي وبا جي پهرين لهر پکڙي هئي، حڪومت ڪووڊ 19 جي حوالي سا?? دانشمنداڻيون پاليسيون اختيار ڪيون ۽ ڪورونا وائرس جا اثر گهٽ ڪرڻ ڏانهن وِک وڌائي، سمارٽ لاڪ ڊائون جي حوالي سا?? فيصلو دانشمنداڻو ثابت ٿيو، حڪومت مالياتي ۽ زري بنيادن تي پڻ فيصلا ڪيا. وزيراعظم پنهنجي ڪوششن سا?? هائوسنگ ۽ اڏاوتن جي شعبي لاءِ خاص رعايتي پيڪيج ڏنا، ان سلسلي ۾ بين الاقوامي مالياتي فنڊ کان خاص رعايتون حاصل ڪيون ويون، شهرين کي ويڪسين جي فراهميءَ جو عمل شروع ڪيو ويو، اين سي او سي جو قيام هڪ وڏو قدم هو، جنهن جي مؤثر نگرانيءَ ۾ ڪووڊ 19 تي قابو پائڻ ۾ مدد ملي آهي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ڪووڊ 19 جي پهرين لهر ۽ لاڪ ڊائون سا?? ڪم ڪندڙ 5 ڪروڙ 60 لک ماڻهن جي تعداد گهٽ ٿ?? ڪري 3 ڪروڙ 50 لک جي سطح تي اچي ويو، يعني 2 ڪروڙ ماڻهو جن مان اڪثر ڏهاڙي دار، ذاتي روزگار واري آبادي شامل هئي بيروزگار ٿي کين ڪو ڪم نه ملي رهيو هو. وزيراعظم ان سلسلي ۾ دانشمنداڻيون پاليسيون اختيار ڪيون، ان جي نتيجي ۾ گذريل سا?? آڪٽوبر ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جو تعداد ٻيهر وڌي 5 ڪروڙ 30 لک ٿي ويو، معيشت بحال ٿي ۽ اؤسر طرف گامزن ٿي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته سا?? جي شروعات ۾ ناڻي واري اؤسر جي شرح 2.8 سيڪڙو لڳايو ويو. آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ ان کان گهٽ اؤسر جي اندازو لڳائي رهيا ??ئا جڏهن ته حڪومت انساني زندگين جي تحفظ ۽ ڪاروبار جي حوالي سا?? جيڪي فيصلا ڪيا انهن جا بهتر نتيجا سا??هون آيا، حڪومت ميگا اقتصادي پيڪيج تحت مينوفيڪچرنگ، ٽيڪسٽائل، تعميرات ۽ زراعت لاءِ خصوصي رعايتن جو اعلان ڪيو.
حڪومت غريب ۽ پگهاردار طبقي تي بار نه وڌائيندي، روانگي ۽ پيداوار ۾ اضافي لاءِ جامع منصوبابندي سان اڳتي وڌينداسين: شوڪت ترين
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد