اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته قبضا مافيا کان ٻيلن جي زمين آجي ڪرائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، قبضي وارين زمينن تي ٻوٽا لڳائي ٻيلن جي رقبي کي وڌائڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن ته جيئن پاڪستان جي سرسبز علائقي ۾ اضافو ٿي سگهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ هائوسنگ، تعميرات ۽ ترقي بابت قومي رابطا ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت فياض ترين، اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب، موسمياتي تبديلي جي باري ۾ وزيراعظم جو خاص مددگار ملڪ امين اسلم، ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. پنجاب جو چيف سيڪريٽري ۽ حڪومت پنجاب جي لاڳاپيل سينئر آفيسرن وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. ان کان اڳ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سرويئر جنرل آف پاڪستان سي ڊي اي، حڪومت پنجاب ۽ ا??يڪ??وٽرسٽ بورڊ (اي ٽي پي بي) سان گڏجي ڪم ڪري ريهو ??ه?? ته جيئن ??رڪ??ري ملڪيتن، اسلام آباد، لاهور ۽ ا??يڪ??وٽرسٽ بورڊ (اي ٽي پي بي) جي ڪيڊسٽرل رڪارڊ کي مڪمل ڪري سگهجي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئ?? ته هو قبضي واري زمينن تي ٻيلن جي واڍي جي روڪٿام يقيني بڻائي ملڪ جي ٻيلن جي رقبي کي وڌائڻ لاءِ فوري قدم کڻن. وزيراعظم چيو ته زمينن جي غير مجاز استعمال جي روڪٿام ۽ هائوسنگ سوسائيٽين جي پکيڙ کي محدود ڪرڻ، خوراڪ جي حفاظت ۽ پاڻي ۽ سيوريج جهڙي بهتر شهري سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ضروري آهي، هن هدايت ڪئ?? ته ڪيڊسٽرل سروي جي نتيجن جو صوبن سان مٽاسٽا ڪئي وڃي جنهن کانپوءِ عوامي ملڪيتن جي بازيابي لاءِ فوري ڪارروائي ڪئي وڃي. هن صوبن ۽ سي ڊي اي کي هدايت ڪئ?? ته هو ??ن ڳالهه جو جائزو وٺن ته ماضي ۾ ڪيترا قبضا ٿيا ۽ ڪيترا خالي ڪرايا ويا، وزيراعظم چيو ته هو ??ن حوالي سان ذاتي طور تي 15 ڏينهن کانپوءِ اجلاسن جي صدارت ڪندو ته جيئن ان تي اڳڀرائي جو جائزو وٺي سگهجي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت عوام جي سامهون جوابده آهي ۽ ??رڪ??ري زمين جي حفاظت ان جي اولين ترجيح آهي، قبضا مافيا کي منهن ڏيڻ لاءِ منظم حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي، هن سي ڊي اي چيئرمين کي هدايت ڪئ?? ته پارڪن ۽ ٻيلن لاءِ مختلص قيمتي ??رڪ??ري زمين کي قبضي کان بچائڻ لاءِ خصوصي سيل جوڙيو وڃي.
قبضا مافيا کان ٻيلن جي زمين آجي ڪرائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر