اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هراسيت ۾ ملوث شخص جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر ??ي پريس ونگ مان جاري بيان موجب اڳوڻي بئنڪ مينيجر انساني بنيادن تي صدر مملڪت کان سروس ۾ بحالي جي درخواست ڪئي هئي، بئنڪ مينيجر تي هراسيت جو الزام ثابت ٿيڻ تي نوڪري مان فارغ ڪيو ويو هو، حبيبه رئوف مينيجر نع??م اقبال جي خلاف بئنڪ کي هراسيت جي شڪايت ڪئي هئي، تفصيل موجب بئنڪ انڪوائري ۾ نع??م اقبال تي لڳايل الزام ثابت ٿيا، هراسيت جا الزام ثابت ٿيڻ تي نع??م اقبال کي بئنڪ برطرف ڪري ڇڏيو، نع??م اقبال برطرفي جي خلاف ڪم جي جاءِ تي هراسيت جي روڪٿام جي وفاقي محتسب کي درخواست ڏني، محتسب ??عيم اقبال کي ننڍن ٻارن ۽ بزرگ والدين جي ڪري سزا ۾ نرمي ڏني، هراسيت جي روڪٿام واري محتسب ”نوڪري تان برطرفي“ جي بدران ”نوڪري مان ڪڍڻ“ جي سزا ڏني، جنهن کانپوءِ نع??م اقبال صدر کي انساني بنيادن تي سروس ۾ بحالي ۽ محتسب جو فيصلو ختم ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، صدر هراسيت ۾ملوث ماڻهو جي اپيل رد ڪندي پنهنجي فيصلي ۾ چي?? ته معزز محتسب سزا کي ”نوڪري تان برطرفي“ بدران ”نوڪري مان ڪڍڻ“ ۾ بدلجي چڪو، درخواستگذار محتسب جي حڪم ۾ ڪنهن قسم جي غير قانونيت ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، درخواست گذار هراسيت جي روڪٿام واري محتسب جي حڪم کي بدلائڻ لاءِ ڪو جواز پيش نه ڪيو، ان لاءِ درخواست گذار جي نوڪري ۾ بحالي جي اپيل رد ڪئي وڃي ٿي.
صدر پاران هراسيت ۾ ملوث شخص جي اپيل رد
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن