اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڇوڪرين جي تعليم ل??ءِ موثر قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي عالم سڳورن ۽ مسجدن جو معاشري ۾ تمام وڏو ڪردار آهي، حڪومت ڇوڪرين کي تعليم حاصل ڪرڻ ل??ءِ اسڪول آڻڻ ل??ءِ قدم کڻي رهي آهي، عورتن کي تعليم يافته بڻائڻ ۾ عالم سڳورا موثر ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڇوڪرين جي تعليم جي فروغ ل??ءِ قومي مهم جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي ??يو?? تقريب ۾ خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر قبله اياز، پاڪستان الائنس فار گرلز ايجوڪيشن (پيج) جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر فجر رابعه پاشا، عالم سڳورا ۽ تعليمي ماهرن شرڪت ڪئي، صدر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڇوڪرين کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ ل??ءِ عالم سڳورا معاشري ۾ مثبت انداز ۾ پيغام پهچائي سگهن ٿا، عالم سڳورا ڪورونا جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ??يو?? هن چيو ته 32 سيڪڙو ڇوڪريون پرائمري تعليم کان محروم آهن، حڪومت احساس پروگرام تحت اسڪالرشپس پروگرام شروع ??يو?? عورتن کي بينادي تعليم ڏئي پيرن تي بيهاري سگهجي ٿو، اسلام پهريون مزهب آهي جنهن عورتن کي معاشري ۾ مقام ڏنو، عالم سڳورا ڪڏهن به ڇوڪرين جي تعليم جي مخالف ناهن رهيا، صدر چيو ته ڇوڪرين کي تعليم حاصل ڪرڻ ل??ءِ معاشري ۾ تحفظ فراهم ڪرڻ اهم آهي ، عالم سڳورن جو پيغام معاشري ۾ وڏي اهيمت رکي ٿو، عورتن کي هنر مند بڻائڻ ۽ تعليم ڏيڻ کانسو??ءِ ترقي ممڪن نه آهي، صدر چيو ته عالم ڇوڪرين جي تعليم ۾ ڪڏهن مزاحمت ناهي ڪئي، سر سيد احمد خان ڪيتريون ئي ڪوششن کانپوءِ ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي جديد تعليم حاصل ڪرڻ تي آماده ??يو?? حڪومت ڇوڪرين جي تعليم کي انتهائي اهميت ڏئي رهي آهي، ڇوڪرين جي تعليم جي باري ۾ عالم سڳورن جو پيغام معاشري ۾ اهميت رکي ٿو، هن چيو ته مسجدون تعليم جي مرڪزن جو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، عالم سڳورا ۽ مشائخ ڪورونا وبا جي دوران معاشري جي رهنمائي ۾ اهم ڪردار ادا ??يو?? صدر چيو ته عورتن جي اسڪل ڊولپمينٽ ضروري آهي، اسلام 14 سئو سال اڳ عورتن کي حق ڏنا ۽ کين معاشري ۾ نمايان مقام ڏنو. صدر مسجد جي ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو ته مع??شر??ي مسئلن جي حل ل??ءِ مسجد کان عوام کي آگاهي ڏيڻي پوندي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عالم اسڪولن کان ٻاهر ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ل??ءِ فجر کان ظهر تائين مسجدن ۾ تعليم جو اهتمام ڪرڻ جي پهرين ئي تجويز ڏني آهي، تقريب کي خطاب ڪندي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر قبله اياز چيو ته ڇوڪرين جي تعليم جو صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي جو هدف دلين جي گهڻو ويجهو آهن، هن چيو ته ڇوڪرين جي تعليم ل??ءِ لائحه عمل طئي ڪري رهيا آهن، پاڪستان الائنس فار گلز ايجوڪيشن اسٽار اسڪولز جي ذريعي منزل کي حاصل ڪرڻ ل??ءِ پيشقدمي شروع ڪئي آهي جنهن ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل ۽ عالم سڳورن جو تعاون به شامل آهي. ڊاڪٽر قبله اياز چيو ته ان جي ڪوسشن جي نتيجي ۾ پاڪستان هڪ باوقار ملڪ جي حيثيت سان سڃاتو ويندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ايوان صدر جي سرپرستي ۾ ڇوڪرين جي تعليم ل??ءِ عملي قدم کڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين، ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر پاڪستان الائنس فار گرلز ايجوڪيشن فجر رابعه پاشا تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جا عالم سڳورا ڇوڪرين جي تعليم جا حامي آهن، ڇوڪرين جي تعليم ل??ءِ ڪيل ڪوششون مديني جي رياست طرف اهم قدم آهي، هن چيو ته سندن ادارو 129 غير رسمي تعليمي ادارا هلائي رهيو آهي جنهن ۾ ڇوڪرين جي تعليم طرف ڌيان ڏنو پيو وڃي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي تقريب ۾ ڇوڪرين جي تعليم جي باري ۾ قومي مهم جو باقاعده آغاز ڪري ڇڏيو.
عالم سڳورن ۽ مسجدن جو معاشري ۾ تمام وڏو ڪردار آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada