اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قوم کي چيو آهي ته هو 27 مارچ تي اهو پيغام ڏيڻ نڪري ته هو برائي سان گڏ نه آهي، ته جيئن مستقبل ۾ ڪنهن جي ??رئت نه ٿي سگهي ته هو هارس ٽريڊنگ ڪري جمهوريت ۽ قوم کي نقصان پهچائي، ملڪ ۾ 30 سالن کان لُٽ مار ڪندڙ ڌاڙيلن جو ٽولو گڏجي کلي عام پارليامينٽرين جا ضمير خريد ڪري ر??يو آهي. جاري ڪيل قوم جي نالي پن??نجي وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته امربالمعروف و نهي عن المنڪر جو حڪم الله قرار ڏنو آهي، الله تعاليٰ مسلمانن کي حڪم ڏي ٿو ته توهان چڱائي جو ساٿ ڏيو ۽ برائي ۽ بدي جي ??لاف اٿي بيهڻو آهي، ان سان معاشرو زنده ٿئي ٿو. هن چيو ته ملڪ ۾ ڌاڙيلن جو ٽولو جيڪو 30 سالن کان لُٽي ر??يو آهي، ڪرپشن ڪري پئسو ٻاهر موڪلي ر??يو آهي هاڻي انهن گڏجي پارليامينٽرين جي ??مير جون قيمتون لڳايون آهن، انهن کي کلي عام خريد ڪري ر??يا آهن، وزيراعظم چيو ته آئون اهو چاهيان ٿو ته سڄي قوم 27 مارچ تي مون سان گڏ صرف هڪ پيغام ڏيڻ لاءِ نڪري ته اسان بدي سان گڏ نه آهيون پر اسان بدي جي ??لاف آهيون، اسان هن ملڪ ج?? جمهوريت ۽ قوم جي ??لاف ٿيندڙ ان ڏوهه جي ??لاف آهيون، وزيراعظم چيو ته اهي ماڻهو چوري جي پئسي مان عوامي نمائندن جا ضمير خريد ڪري ر??يا آهن، قوم ان جي ??لاف بيٺل آهي، وزيراعظم چيو ته آئون چاهيان ٿو ته قوم 27 مارچ تي مون سان گڏ نڪري ۽ سڄي پاڪستان کي خبر هجڻ گهرجي ??ه اڳتي ڪنهن جي ??رئت نه ٿيڻ گهرجي ??ه اهڙي طرح جي هارس ٽريڊنگ ڪري ملڪ ج?? جمهوريت ۽ قوم کي نقصان پهچائي.
قوم 27 مارچ تي برائي خلاف ٻاهر نڪري: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ کی تجزیات