اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف سان جمعيت علماءُ اسلام جي اڳواڻن مولانا فضل الرحمان ۽ اڪرم خان دراني ملاقات ڪئي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ عوامي ڀل??ئي ۽ بهتري کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورين سياسي پارٽين جي گڏيل تعاون تي اتفاق ڪيو ويو. ٻئي پاسي جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي وفد به وز??راعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ مواصلات وارو وفاقي وز??ر مولانا اسعد محمود، مذهبي معاملن وارو وز??ر مولانا عبدالشڪور، هائوسنگ اينڊ ورڪس وارو وز??ر مولانا عبدالواسع ۽ سيفران وارو وز??ر سينيٽر محمد طلحه محمود شامل هئا. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ عوامي ڀل??ئي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورين سياسي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
وزيراعظم سان مولانا فضل الرحمان ۽ اڪرم خان دراني جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج