اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب بي جي پي اڳواڻن جي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ گستاخي و??رن بيانن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته خاتم المرسلين نبي رحمت حضرت محمد ﷺ جي ناموس ۾ گستاخي ڪري بي جي پي جي اڳواڻن پاڻ کي خسيس ثابت ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته دنيا جي سمورن ان??انن لاءِ رحمت بڻجي ايندڙ نبي اڪرم ﷺ جي پاڪ سيرت ۽ ڪردار جو مطالعو ڪندڙ ڪو به سليم الفطرت ان??ان ان جو احترام ۽ ادب کانسواءِ رهي ??ٿو سگهي، ڪهن چيو ته بي جي پي اڳواڻن جي گستاخي و??رن بيانن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، اهو بي جي پي جي ان??هاپسنداڻي ۽ فتني واري سوچ جو هڪ ٻيو ثبوت آهي، مريم اورنگزيب چيو ته عالمي برادري بين المذاهب هم آهنگي ۽ مقدس هستين جي احترام جي عالمي تحريڪ جي منافي ڀارتي حڪومت جي روين ۽ قدمن جو نوٽيس وٺي، هن چيو ته ڀارت اقليتن خاص طور تي مسلمانن جي بينادي حقن، م??هب?? آزادين ۽ بنيادي ان??اني حقن جو مجرم آهي، ان کي ڪهٽڙي ۾ بيهاريو وڃي، وفاقي وزير چيو ته هر مسلمان پنهنجي آقا ڪريم ﷺ جي عزت ۽ حرمت کي پنهنجي جان کان وڌي?? عزيز سمجهي ??و ۽ ان مقصد لاءِ مرڻ لاءِ تيار آهي.
حضور پاڪ جي ناموس ۾ گستاخي ڪري بي جي پي اڳواڻن پاڻ کي خسيس ثابت ڪيو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania