اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪس??ان ۽ ايران جي وچ ۾ واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي ضرورت آهي، پولان گوادر منصوبي جي ذريعي ايران سان اضافي 100 ميگاواٽ بجلي حاصل ٿيندي، عالمي برادري جي مسلسل حمايت سان ڪشميري عوام گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ پنهنجي امنگن موجب خودمختيار?? وارو حق حاصل ڪندا، افغان عوام کي منجمند اثاثن تائين پهچ فراهم ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪس??ان ۾ ايران جي سفير سيد علي محمد حسيني سان ڳالهائيندي ??يو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم بلوچس??ان ۾ ٻيلن جي باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ ايران جي وقت سر مدد تي ٿورو ادا ??يو ۽ چيو ته اهو اسان جي ٻنهي ملڪن ۽ عوام جي وچ ۾ موجود مضبوط ڀائراڻي لاڳاپن جو ثبوت آهي، وزيراعظم ايراني قيادت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ??يو ۽ گڏيل جاگرافي، گڏيل ورثي ۽ عوام کان عوام جي رابطي تي ٻڌل ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو، هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته اسان جا تاريخي لاڳاپن جي پيش نظر هن سال سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه ٻنهي ملڪن کي شاندار طريقي سان ملهائڻ گهرجي، وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته واپاري ۽ اقتصادي تعاون جي شعبن ۾ موجود وسيع گنجائش جي رڪاوٽن تي ضابطو آڻي ۽ تعاون جون نيون راهون ڳولي فائدو کڻڻ گهرجي، هن پولان گوادر منصوبي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ تي به زور ڏنو جنهن جي ذريعي ايران کان پاڪس??ان کي اضافي 100 ميگاواٽ بجلي حاصل ٿيندي، وزيراعظم شهباز شريف ڪشمير مسئلي تي ايران ۽ خاص طور تي سپريم ليڊر طرفان ڪشمير مسئلي تي مسلسل حمايت تي ٿورو ادا ??يو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته عالمي برادري جي مسلسل حمايت سان ڪشميري عوام گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ان جي پنهنجي خواهشن موجب پنهنجو خودمختيار?? وارو حق حاصل ڪندا. افغانس??ان ۾ انساني ۽ معاشي صورتحال جي خرابي جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته افغانس??ان جي عوام کي منجمند اثاثن تائين پهچ فراهم ڪرڻ گهرجي. هن افغانس??ان جي صورتحال تي بنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي رابطي کي ساراهيو، ايران جي سفير سيد علي محمد حسيني وزيراعظم شهباز شريف جي منصب سنڀالڻ تي ايراني قيادت پاران مبارڪباد ڏني ۽ گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، هن افغانس??ان سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي مشاورت کي به اجاگر ڪيو، اعليٰ سطحي دورن جي اهميت تي زور ڏيندي وزيراعظم شهباز شريف ايراني قيادت کي پاڪس??ان جي دوري جي دعوت ڏني.
پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado