اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ڪرغزستان جي نائب پرڏيهي وزير ارتڪ بائيو ايبڪ مختاروچ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير چ??و ته پاڪستان ۽ ڪرغزستان تاريخ ۽ ثقافت جي انمول رشتي ۾ ڳنڍيل آهن، پاڪستان جو سامونڊي رستو وچ ايشيائي رياستن جي واپار ۾ فروغ جي لاءِ وڌ??ڪ معاون ثابت ٿي سگهي ٿو، پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي واپار ۾ وڌيڪ فروغ جي لاءِ ڪاروباري وفدن جي مٽاسٽا ضروري آهي. پرڏيهي وزير چ??و ته ڪرغزستان ۾ هزارين پاڪستاني شا??رد تعليم پرائي رهيا آهن، عوامي سطح تي رابطن کي سياحتي ۽ ثقافتي ڏس ۾ وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت ??هي.
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ