اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم شهباز شريف چيو آهي ته ??يد علي گيلاني جو ”اسان پاڪس??ان?? آهيون، پاڪستان اسان جو آهي“ جو نعرو اڄ پوري دنيا ۾ گونجي رهيو آهي، اهل پاڪستان ۽ ڪشميري عوام سيد علي گيلاني جي جدوجهد کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم ڪشمير جي آزادي جي اهڃاڻ سيد علي گيلاني جي پهرين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ڪشميرين جو سيد علي گيلاني جي لاءِ باباءِ حريت جو خطاب ان جي تاريخي جدوجهد جو اعتراف آهي. مردِ بُحران سيد علي گيلاني جي جدوجهد حريت ۽ ڪشمير جي آزادي جي تاريخ جو سنهري باب آهي. هن چيو ته ??يد علي گيلاني هڪ شخص نه پر تحريڪ ۽ هڪ مشن جو نالو آهي جنهن جو نعرو ڪشمير بڻجندو پاڪستان آهي. سيد علي گيلاني شهيد جو مڙهه کسڻ سان ڪشميرين کان آزادي جي تڙپ کسي نٿي سگهجي. وزيرا??ظم چيو ته پاڪس??ان?? ۽ ڪشميري سيد علي گيلاني کي سلام پيش ڪن ??ا، اسان پاڪس??ان?? آهيون، پاڪستان اسان جو آهي، جو سندس نعرو اڄ سڄي دنيا ۾ گونجي رهيو آهي. هن دعا ڪئي ته ??لله تعاليٰ سيد علي گيلاني سميت سمورن ڪشمير جي شهيدن جا درجا بلند ۽ انهن جي گهرڀاتين کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.
سيد علي گيلاني جو نعرو پوري دنيا ۾ گونجي رهيو آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم