قم??ر شهدادڪوٽ – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ٻو?? متاثرين جي لاءِ امداد جي رقم 28 ارب مان وڌائي 70 ارب رپيا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هر متاثر خاندان تائين شفاف طريقي سان امداد پهچندي، ٻو?? سبب فصل تباهه ٿيا، ماڻهو بي گهر ٿيا، عالمي برادري پاران امداد تي ٿورا مڃون ٿا، هي وقت سياست جو نه ٻو?? متاثرين جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. قم??ر شهدادڪوٽ ۾ ٻو?? متاثرين جي لاءِ قائم ڪيل امدادي ڪئمپ جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ٻو?? متاثر علائقي جو فضائي جائزو ورتو آهي، هر طرف پاڻي ئي پاڻي آهي، ٻو?? سبب تمام گهڻي تباهي ٿي آهي. سنڌ حڪومت متاثرين جي مدد جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي متاثرين جي مدد جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏينديون. وزيراعظم چيو ته حڪومت ٻو?? کان متاثر خاندانن کي 25 هزار رپين جي امداد جو سلسلو بلوچستان کان شروع ڪيو. سمورن متاثر علائقن ۾ امداد جي لاءِ 28 ارب رپيا رکيا ويا هئا پر ٻوڏ کان متاثر ٿيندڙ خاندانن جو انگ تمام وڌيڪ آهي، ان لاءِ وفاقي حڪومت اها رقم 70 ارب رپين تائين وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. شفاف طريقي سان اها امدادي رقم بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي ورهائي ويندي. وزيراعظم چيو ته ٻو?? سان ڪپهه، چانور ۽ کجور سميت مختلف فصلن جو تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي. سنڌ ٻو?? کان تمام گهڻي متاثر ٿي آهي. يو اي اي، قطر، ترڪيءَ، سعودي عرب، چين، آمريڪا، ايران سميت سمورن دوست ملڪن جا ٿورا مڃون ٿا جن پاڪستان جي هن مشل گهڙيءَ ۾ تمام گهڻي مدد ڪئي آهي. هر ڏينهن مختلف ملڪن جا جهاز امدادي سامان کڻي پهچي رهيا آهن. ترڪيءَ پاران امدادي سامان سان ڀريل 4 ٽرينون روانو ڪيون ويون آهن. پرنس ڪريم آغا خان جي پٽ پڻ 10 ملين ڊالر جي امداد جو اعلان ڪيو آهي. چين به امدادي رقم وڌائي ڇڏي آهي. وزيراعظم چيو ته متاثر علائقن ۾ ريليف ۽ بحالي جي سرگرمين جي لاءِ پاڪ فوج ڀرپور مدد ڪري رهي آهي. هن مشڪل گهڙيءَ ۾ سياست نه ڪرڻ گهرجي سڀني کي گڏجي متاثرين جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. ان کان اڳ وزيراعظم ٻو?? متاثرين ۾ امدادي چيڪ ورهايا. وزيراعظم کي قم??ر شهدادڪوٽ ۾ ٻو?? سبب ٿيندڙ نقصانن ۽ ريليف ۽ بحالي جي سرگرمين بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته منڇر ڍنڍ جو ليول تمام گهڻو وڌي ويو آهي. مناسب جاين تي بند ٽوڙي پاڻي جي مقدار کي گهٽ ڪيو ويو آهي. علائقي ۾ پاڻي ڪڍڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت جي مدد جي ضرورت آهي. ٻو?? سبب فصلن جو تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي جڏهن ته ڪچا گهر ڊهي پيا آهن. پاڻي بيٺل هجڻ سبب وبائي مرض پکڙجي رهيا آهن. ڪيترن علائقن جو زميني رابطو ڪٽجي وڃڻ جي ڪري امدادي سرگرمين ۾ مشڪلاتون درپيش آهن. متاثرين تائين پڪل کاڌو پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ٻو?? سان 7 تعلقا ۽ 9 کان 13 لک ماڻهو تمام گهڻا متاثر ٿيا آهن. وزيراعظم کي متاثر علائقي جي فضائي معائني دوران سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ٻو?? سبب ٿيندڙ تباهين ۽ متاثر علائقن ۾ جاري امدادي سرگرمين بابت بريفنگ ڏني.
حڪومت پاران ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امداد جي رقم 28 ارب مان وڌائي 70 ارب رپيا ڪرڻ جو فيصلو، هر متاثر خاندان تائين شفاف طريقي سان امداد پهچندي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج