لنڊن – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي اڳواڻن ۽ شاهي خاندانن جي ميمبرن سان ويسٽ منسٽر ا??بي ۾ آنجهاني ملڪه ايلزبيٿ ٻه جي آخري ??سم?? ۾ شرڪت ڪئي. وزيراع??م خصوصي طور تي ڪوئين ايلزبيٿ جي آخري ??سم?? ۾ شرڪت جي لاءِ لنڊن پهتو هو جيڪا 8 سيپٽمبر تي 96 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي. سڄي دنيا مان 500 کان وڌيڪ ملڪن جا نمائندا ملڪه جي آخري ??سم?? ۾ شريڪ ٿيا جن ۾ آمريڪا جي صدر جو بائيڊن، چين جي نائب صدر وانگ ڪشان، جاپان جي شهنشاهه ناروهيٽو، اردن جي شاهه عبدالله، بيلجيم جي ڪنڪ فلپ ۽ ڪوئين ميٿلڊي سان گڏوگڏ شاهي خاندان جي 2 هزار کان وڌيڪ ميمبرن شرڪت ڪئي. ڪوئين ايلزبيٿ کي سرڪاري اعزاز سان ونڊسر ڪيسل ڪنگ جارج ڇهه ميموريل چيپل ۾ پنهنجي مرحوم مڙس سان شاهي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته آنجهاني ملڪه دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن جي شهرين جي نسلن لاءِ طاقت جو ذريعو هئي، پا??ستان جي عوام ملڪه ايلزبيٿ جي پا??ستان جي 2 دورن کي ياد رکندي، پا??ستاني عوام ۽ برطانوي شاهي خاندان جي وچ ۾ لاڳاپا وقت سان گڏ مضبوط ٿيا آهن.
وزيراعظم جي عالمي اڳواڻن ۽ شاهي خاندانن جي ميمبرن سان ملڪه ايلزبيٿ ٻه جي آخري رسمن ۾ شرڪت
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ