اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن سان يڪجهتي جي اظهار ۽ انهن جي مدد تي شنگها??ي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جا ٿ??را مڃيندي موسمياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن کي منهن ڏي?? جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن شنگها??ي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪا??ون??ل آف هيڊز آف گورنمينٽ (حڪومتي سربراهن) جي 21 هين اجلاس کي خطاب ڪيو. ورچوئل فارميٽ ۾ اجلاس جي ميزباني چين ڪئي جيڪو ايس سي او جي ڪا??ون??ل آف هيڊز آف گورنمينٽ جو موجوده سربراهه آهي. چين، قازقستان، ڪرغزستان، روس، تاجڪستان ۽ ازبڪستان جي حڪومتي سربراهن سان گڏوگڏ ايس سي او جي مبصر ملڪن جي نمائندن پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير شنگها??ي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري تعاون وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته تنظيم جي خطي ۾ وڌ کان وڌ رابطا قائم ڪرڻ سان ايس سي او جي وچ ۾ تعاون جي سياسي ۽ اقتصادي صلاحيت کي کولڻ ۾ مدد ملندي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جو اهم منصوبو آهي جيڪو علائقائي رابطن ۽ انضمام جي ذريعي گڏيل خوشحالي جي شنگها??ي تعاون تنظيم جي ويزن کي مڪمل ڪري ٿو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ايس سي او کي انتهائي اهميت ڏيان ٿو ۽ پاڪستان شنگها??ي تعاون تنظيم جي اصولن جي بنياد تي علائقا??ي تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ مختلف معاهدن ۽ منصوبن تحت قدم کنيا آهن. هن غربت جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڪيترن ئي ڪامياب قدمن جو ذڪر ڪندي چيو ته غربت جي خاتمي جي لاءِ ايس سي او جي خصوصي ورڪنگ گروپ جو پهريون اجلاس ڊسمبر ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندو. پرڏيهي وزير پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن سان يڪجهتي جي اظهار ۽ انهن جي مدد تي شنگها??ي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جا ٿ??را مڃيندي موسمياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن کي منهن ڏي?? جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن ترقي يافته ملڪن تي پڻ زور ڏنو ته اهي ”ڪلائميٽ فنانس“ بابت پنهنجي واعدن کي پورو ڪن ته جيئن اسرندڙ ملڪن کي پائيدار ترقي جي هدفن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ موسمياتي تبديلي کي منهن ڏي?? ۾ مدد ملي سگهي. بلاول ڀٽو زرداري اقتصادي ترقي جي لاءِ خطي ۾ پائيدار امن ۽ سلامتي حاصل ڪرڻ جي اهميت جو ذڪر ڪندي رياستي دهشتگردي سميت دهشتگردي جي لعنت کي ان جي سمورن مظاهر ۾ حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن افغانستان سان پائيدار ۽ عملي رابطي جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن افغان عوام کي پنهنجي ملڪ کي درپيش انساني ۽ معاشي بحرانن تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي سگهي. ڪا??ون??ل آف هيڊز آف گورنمينٽ شنگها??ي تعاون تنظيم جو ٻيو اعليٰ ترين فورم آهي، جتي ميمبر ملڪن جا حڪومتي سربراهه پنهنجي خيالن جي ڏي وٺ ڪن ٿا.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن سان يڪجهتي جي اظهار ۽ انهن جي مدد تي شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جا ٿورا مڃيا
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔