اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته هڪ پاڳل ملڪ ۾ فساد، انتشار ۽ افراتفري چاهي ٿو ته جيئن ملڪ ۾ معاشي استحڪام نه اچي سگهي، عمران صاحب ”ايمپائر“ ته نيوٽرل هوندو آهي جنهن کي توهان جانور چئو ٿا، حالتون ملڪ جو نه عمران خان جون تمام خراب آهن ڇو ته سندس گهوڙيُون ٽٽي چڪيون آهن، توهان کي حيرت ان لاءِ آهي ڇو ته ادارا توهان جي ??ه??يا سياست جو حصو نه بڻجي رهيا آهن. عمران خان جي بي??ن تي پنهنجي ردعمل ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته نالائق نااهل توشه خانه چور عادت کان مجبور ادارن کي پنهنجي ??ه??يا سياست ۾ گهلي رهيو آهي. اليڪشن ڪميشن ۽ عدليه جي ذميواري بڻجي ٿي ته فارن ايجنٽ ۽ توشه خانه جي ??ور کان حساب وٺي. هن چيو ته فوج ۽ عدليه کي عادت کان مجبور آواز نه ڏي. واپاري ۽ ڪاروباري برادري ۽ آبادگار ڄاڻين ٿا ته ملڪ توهان جي معاشي تباهي جي ??نور ۾ ڦاٿل آهي. عمران خان هڪ پاڳل شخص آهي جيڪو پوري پاڪستان کي به پاڳل سمجهي ٿو. هن چيو ته عمران خان ملڪ کي جنهن ??يو??لپڻي طرف وٺي وڃي رهيو هو?? اسان ملڪ کي اتان واپس آڻي رهيا آهيون. عمران خان جي ذميواري رڳو ملڪ کي ڦريل پئسو، رشوت ۾ ورتل زمين، چوري ٿيل هيرا، توشه خانه جي ??رلٽ ۽ فارن فنڊنگ جو جواب ڏي. عمران خان جي ذميواري آهي ته چار سالن جي معاشي تباهي، بيروزگاري، مهانگائي ۽ چوري جو جواب ڏي. هن چيو ته عمران خان روئي رڙيون ڪري يا پٽي هاڻي ادارا توهان جي سازشي منصوبابندي جو حصو نه بڻجندا.
هڪ پاڳل ملڪ ۾ فساد، انتشار ۽ افراتفري چاهي ٿو ته جيئن ملڪ ۾ معاشي استحڪام نه اچي سگهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا