رديگ – 18 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??با?? شريف ۽ ايراني صدر ابراهيم رئيسي مند تعلقي جي علائقي رديگ ۾ مند پشين بارڊر مارڪيٽ ۽ 100 ميگاواٽ گبد پولان بجلي جي ٽرانسميشن لائين جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، توانائي وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو به موجود هئا. وزيراعظم ش??با?? شريف جي گوادر پهچڻ تي بل??چس??ان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو سندن آجيان ڪئي، جنهن کا??پوءِ وزيراعظم مند پشين بارڊر مارڪيٽ جي افتتاح جي لاءِ مند تعلقي جي علائقي رديگ پهتو، جتي ايران جي صدر ابراهيم رئيسي وزيراعظم جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن گرمجوشي سان هٿ ملايو. وزيراعظم محمد ش??با?? شريف ۽ ايراني صدر ابراهيم رئيسي مند پشين بارڊر مارڪيٽ جو افتتاح ڪيو ۽ ٻنهي اڳواڻن مارڪيٽ جي مختلف حصن جو معائن?? ڪيو ۽ دوستي جي علامت طور ٻوٽو پڻ پوکيو. بارڊر مارڪيٽ جي قيام سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ ۾ مدد ملندي. سرحد جي ٻنهي طرفن رهندڙ ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ اسمگلنگ روڪي ويندي. ان کا??سواءِ به حڪومت وڌيڪ 5 مارڪيٽس تي به ڪم ڪري رهي آهي، جن کي جلد واپار جي لاءِ کوليو ويندو. بعد ۾ وزيراعظم ش??با?? شريف ۽ ايران جي صدر ابراهيم رئيسي 100 ميگاواٽ گبد پولان بجلي جي ٽرانسميشن لائين جو به افتتاح ڪيو. گبد پولان ٽرانسميشن لائين وزيراعظم محمد ش??با?? شريف جي ذاتي دلچسپي جي ڪري رڪارڊ مدي ۾ تعمير مڪمل ٿي آهي. ان ٽرانسميشن لائين جي مڪمل ٿيڻ سان ايران کا?? درآمد ٿيندڙ سستي بجلي جي مجموعي مقدار 204 ميگاواٽ ٿي وئي آهي. 132 ڪي وي جي ٽرانسميشن لائين کي اپ گريڊ ڪري 220 ڪي وي ڪيو ويو آهي. چئن مهينن جي رڪارڊ مدي ۾ اهو منصوبو مڪمل ڪيو ويو آهي. نئين ٽرانسميشن لائين سان بل??چس??ان جي سرحدي علائقن ۾ بجلي جي پهچ ۾ بهتري ايندي ۽ ڪاروباري سرگرمين جي لاءِ بجلي جي وڌيڪ مقدار ميسر ايندي. ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان وزيراعظم ش??با?? شريف جو بل??چس??ان ۾ بنا رڪاوٽ بجلي جي فراهمي جو واعدو پورو ٿي ويو آهي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايراني صدر ابراهيم رئيسي پاران رديگ ۾ مند پشين بارڊر مارڪيٽ ۽ 100 ميگاواٽ گبد پولان بجلي جي ٽرانسميشن لائين جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ