اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري ظهور احمد چيو آهي ته فلم ۽ ڊراما فنانس فن?? جيڪو فلم اينڊ براڊ ڪاسٽنگ پاليسي 2018ع تحت قا??م ٿيو، جنهن جو مقصد پاڪستاني سئنيما جي بحالي ۽ فلم ??از?? جي لاءِ موزون اثر پيدا ڪرڻ آه?? جيڪي هاڻي مختلف مالياتي ذريعن، گرانٽس ۽ قرضن تائين پهچ حاصل ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هُن فلم اينڊ ڊراما فنانس فن?? جي فنڊ مئنيجمينٽ ڪميٽ?? جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪن??ي ڪيو، اجلاس ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشنز ۾ ٿيو. واضح رهي ته رولز جي اعلان کانپوءِ فلم اينڊ ڊراما فنانس فنڊ جو قيام 5 آگسٽ 2023ع تي ٿيو. ڄاڻايل فنڊ قا??م ڪرڻ جي لاءِ شروعاتي طور تي ٽيڪنيڪل سپليمنٽري گرانٽ جي مد ۾ هڪ ارب رپيا رکيا ويا آهن جڏهن ته اطلاعات واري وزارت ان فن?? جي انتظام جي لاءِ هڪ فنڊ مئنيجمينٽ ڪميٽي جو پڻ اعلان ڪيو آهي جنهن ۾ فلمي صنعت جا ميمبر پڻ شامل آهن. اجلاس جي شرڪت ڪن??ڙن انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001ع جي 13 هين شيڊيول ۾ فنڊ کي شامل ڪرڻ جي لاءِ وزارت جي ڪوششن کي ساراهيو. ان فنڊ ۾ حصو وجهندڙن کي اهڙي طرح ٽيڪس رعايت ڏني ويندي جهڙي طرح ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبلٽي (سي ايس آر) جي دائري ۾ ايندڙ ڪمپنين کي ڏني وڃي ٿي. اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشنز جي ڊائريڪٽر جنرل ثمينه فرزين انفارميشن واري سيڪريٽري جا ٿورا مڃيندي اجلاس جي شرڪت ڪن??ڙن کي فلم اينڊ ڊراما فنانس فنڊ ۽ فنڊ مئنيجمينٽ ڪميٽ?? جي معاملن بابت آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وزارت، ايف پي سي سي آئي مان فنڊ مئنيجمينٽ ڪميٽ?? جي عهد?? جي لحاظ سان ميمبرن سميت فلمي برادري سان تعلق رکندڙ ميمبرن بشمول پي ايف پي اي چيئرمين، ذوالفقار احمد مانا، نديم مانڊوي والا، شهزاد رفيق، سيد نور، ستيش آنند، اعجاز گل، بلال لاشاري، واسع چوڌري، ڪامران جاويد، سرمد کوسٽ، بدر اڪرام ۽ عرفان ملڪ سميت ٻين شرڪت ڪئي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 16:58
فلم ۽ ڊراما فنانس فنڊ جو مقصد پاڪستاني سئنيما جي بحالي ۽ فلم سازن جي لاءِ موزون اثر پيدا ڪرڻ آهي: اطلاعات ۽ نشريات جو وفاقي سيڪريٽري ظهور احمد
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina