اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بيروزگاري، معاشري ۾ بيچيني جي وڌندڙ سطح، خصوصي ماڻهن جي لاءِ موقعن تائين پهچ کي بهتر بڻائڻ ۽ ڪاروبار ۽ روزگار ۾ عورتن جي شرڪت کي وڌائڻ جهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي ??ور ڏنو آهي. هن ڪراچي ۾ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ڪي سي سي آئي) جي هڪ وفد سان ملاقات ۾ ملڪ ۾ سماجي ۽ اقتصادي چئلينجن تي ??ابطو آڻڻ جي لاءِ رضاڪاراڻي خدمتن ۽ چيمبرز، بئنڪنگ سيڪٽر ۽ سول سوسائٽي جي فعال شموليت جي اهميت تي ??ور ڏنو. ايوان صدر پاران جاري هڪ پڌرائي موجب صدر زور ڏنو ته ڪاروباري برادري کي سماجي شعبن کي اڳتي وڌائڻ ۽ ضرورتمندن جي مدد ڪ??ي پنهنجي ڪارپوريٽ سماجي ذميواري کي پورو ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن ان ڳالهه تي ??وشني وڌي ته سرڪاري ۽ نجي شعبن جي وچ ۾ گڏيل تع??ون سان ماڻهن جي زندگين ۾ خاص طور تي ??ماجي قدمن جي دائري ۾ مثبت تبديلي اچي سگهي ٿي. صدر هڪ جامع معاشري جي جوڙجڪ تي ??ور ڏنو جتي ??ماجي ۽ اقتصادي سرگرمين ۾ عورتن جي شرڪت کي فعال طور تي فروغ ڏئي سگهجي. هن ڪراچي چيمبر جي ميمبرن تي ??ور ڏنو ته اهي عورتن کي مستقبل جو صنعتڪار بڻجڻ، انهن ۾ اعتماد جي فروغ ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ انهن جي حمايت ۽ حوصلا افزائي ڪن. وڌيڪ اهو ته هن انساني ترقي جي اهميت تي ??ور ڏنو ۽ ڪاروباري برادري کي عورتن ۽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ روزگار جا وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ جو مشورو ڏنو. صدر عورتن جي لاءِ بئنڪ اڪائونٽ کولڻ ۽ مالياتي ڏيتي ليتي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي ??نفارميشن ٽيڪنالاجي جي مثبت اثرن کي تسليم ڪيو. هن عورتن کي ڪم جي جڳهه تي ??ازگار ماحول فراهم ڪرڻ ۾ ڪاروباري برادري جي ڪردار تي ??ور ڏنو. صدر ڪارپوريٽ سيڪٽر تي ??هو به زور ڏنو ته هو پنهنجي ڪارڪنن جي ڀلائي ۽ ماحولياتي ??حفظ کي ترجيح ڏي ته جيئن ايندڙ نسل جي لاءِ هڪ بهتر دنيا کي يقيني بڻائي سگهجي. بئنڪنگ سيڪٽر جي ڪارڪردگي جي حوالي سان صدر علوي گذريل ٽن سالن ۾ ان جي ڪاميابين کي ساراهيو. هن چيمبرز تي ??ور ڏنو ته اهي صنعت جي اندر 20 کان 25 سيڪڙو عورتن کي نوڪرين جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فاسٽ ٽريڪ مڪينزم تيار ڪن. هن ملڪ جي ڪجهه بئنڪن کي ساراهيو جن 30 سيڪڙو عورتن کي قابل ذڪر روزگار فراهم ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي وڏن قدرتي ۽ انساني وسيلن جو حوالو ڏيندي چيو ته هو پاڪستان جي صلاحيت بابت پراميد آهي. هن ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري تي ??ور ڏنو ته اسپتالن، شاپنگ پلازائن ۽ صنعتن تائين خصوصي ماڻهن جي پهچ کي آسان بڻائڻ جي لاءِ ريمپس جي تعمير جهڙا قدم کنيا وڃن.
چيمبرز صنعت جي اندر 20 کان 25 سيڪڙو عورتن کي نوڪرين جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فاسٽ ٽريڪ مڪينزم تيار ڪن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : apostas quina