نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ ”لاس اينڊ ڊيميج فنڊنگ ??ي انتظامن“ جي موضوع تي مشاورتي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران ج??ري بيان موجب اجلاس ۾ مصر جي پرڏيهي وزير سامح شڪري ۽ ي?? اي اي جي صنعت ۽ جديد ٽيڪنالاجي و??ري وزير ۽ ڪوپ – 28 جي نامزد صدر ڊاڪٽر سلطان احمد الجابر پڻ ش??يڪ ٿيا. نگران پرڏيهي وزير ملاقات دوران اعلان ڪيو ته پاڪستان ڪامياب ڪوپ – 28 جي لاءِ تعميري انداز ۾ سمورين ڌرين سان گڏجي ڪم ج??ري رکندو. گذريل سال جي – 77 ۽ چين جي چيئرمين طور تي پاڪستان ڪوپ – 27 ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. نگران پرڏيهي وزير ڪوپ – 28 ۾ هڪ مضبوط، موثر ۽ وسيلن سان ڀرپور ???لاس اينڊ ڊيميج فنڊ“ کي فعال ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ نئين ”فنڊنگ ??نتظامن“ تي ”اعليٰ سطحي مشاورتي ڪائونسل“ قائم ڪرڻ جي تجويز جي حمايت ڪئي.
نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جي لاس اينڊ ڊيميج فنڊنگ جي انتظامن جي موضوع تي مشاورتي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے