ڪراچي – 30 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عار?? علوي زور ڏنو آهي ته معاشري ۾ خصوصي ماڻهن کي گڏ کڻي هلڻ جي لاءِ آگاهي فراهم ڪرڻ، انهن کي تعليم ۽ زندگي جي مهارتن سان ليس ڪرڻ جي اهميت تي ڌيان ڏنو وڃي. هو ڊائون سنڊروم ۽ ٻين ذهني چئلينج?? ۾ ??رتل ماڻهن جي اداري سوسائٽي فار چلڊرن ان نيڊ آف اسپيشل اسسٽنس جي دوري جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. خاتون اول بيگم ثمينه علوي پڻ ساڻس گڏ هئي. صدر ڊاڪٽر عار?? علوي چ??و ته مختلف صلاحيتون رکندڙ ٻار معاشري جو حصو آهن ۽ انهن کي زندگي جي مهارتن سان ليس ڪرڻ سان اهي پنهنجي زندگي گذارڻ ۽ روزاني جا ڪم پاڻ سرانجام ڏيڻ جي قابل بڻجي سگهن ٿا. هن اهڙن ماڻهن جي لاءِ انهن جي صلاحيتن موجب روزگار جا خصوصي موقعا پيدا ڪرڻ ۽ انهن کي انهن ملازمتن جي لاءِ گهربل مخصوص هنر سيکارڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چ??و ته سڄي دنيا ۾ مختلف صلاحيتون رکندڙ ٻارن جي لاءِ معمول جي تعليمي ادارن ۾ داخلا تي زور ڏيڻ جا سٺا نتيجا نڪري رهيا آهن، اسان کي پاڪستان ۾ به خصوصي ماڻهن جي لاءِ روايتن کي ٽوڙڻ جي ضرورت آهي. وفاقي ۽ سنڌ حڪومتن سرڪاري شعبي جي ملازمت?? ۾ ??ختلف ماڻهن جي لاءِ خصوصي ڪوٽا مخصوص ڪري ان سلسلي ۾ ساراهه جوڳي اڳڀرائي ڪئي آهي جڏهن ته بئنڪنگ سيڪٽر پڻ خصوصي ماڻهن کي شامل ڪري رهيو آهي. هن چ??و ته اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ مختلف بئنڪن جي سربراهن پڻ وڌيڪ خاطري ڪرائي آهي ۽ خصوصي ماڻهن ۽ عورتن جي شموليت ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ بابت تازي اجلاس ۾ پڻ ان سلسلي ۾ قدم کنيا ويا آهن. صدر ڊاڪٽر عار?? علوي چ??و ته وڏي پئماني تي آگاهي سماجي تاثر ۽ طرزعمل کي تبديل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ ان جو مشاهدو ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت خصوصي مهمان دوران ٿيو. هن چ??و ته آگاهي جي قدمن بشمول علامتن ۽ روڪٿام بابت ٽيڪسٽ ۽ صوتي پيغام سڄي ملڪ ۾ لکين ماڻهن تائين پهتا جنهن سان سوين قيمتي جانيون بچي ويون. ڊاڪٽر عار?? علوي خاتون اول بيگم ثمينه عار?? علوي جي ڇاتيءَ جي ڪينسر ۽ مختلف صلاحيتون رکندڙ ٻارن جي حوالي سان وڏي پئماني تي شعور اجاگر ڪرڻ جي ڪوششن جو خاص طور تي ذڪر ڪيو ۽ چ??و ته هاڻي هوءَ ذهني صحت جي مسئلن تي ڪم ڪري رهي آهي. صدر مختلف صلاحيتون رکندڙ ٻارن جي خصوصي سارسنڀال ۽ تربيت فراهم ڪرڻ ۽ انهن کي زندگي جون بنيادي مهارتون سيکارڻ تي سوسائٽي جي ڪارڪردگي کي پڻ ساراهيو. ان موقعي تي سوسائٽي جي اعزازي سيڪريٽري ذوالفقار علي رمزي چ??و ته ان حقيقت کي سمجهندي ته خصوصي سارسنڀال ۽ آگاهي سان مختلف صلاحيتون رکندڙ ٻار پنهنجي زندگي گذار سگهن ٿا ته سوسائٽي انهن کي سموريون ضروري مهارتون فراهم ڪري رهيو آهي. پرنسپل ايس ڊي ايڇ، رضوانه خانم بريفنگ ڏني ته سوسائٽي جو وڏو مقصد مختلف قسم جي مش??لا???? ۾ ??رتل ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جي لاءِ هڪ پليٽ فارم قائم ڪرڻ آهي ته جيئن اهي معاشري جي پاڻڀرو ۽ قدر ۾ اضافو ڪندڙ ماڻهو بڻجي سگهن. ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عار?? علوي مختلف معذور ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جي لاءِ سهولتن جو معائنو ڪرڻ جي لاءِ اداري جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ انهن خصوصي شاگردن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪي پيشيواراڻي سرگرمين يا راندي?? ۾ ??صروف هئا. صدر ڊاڪٽر عار?? علوي ان موقعي تي سوسائٽي جي اڱڻ ۾ ٻوٽو پڻ لڳايو.
معاشري ۾ خصوصي ماڻهن کي گڏ کڻي هلڻ جي لاءِ آگاهي فراهم ڪرڻ، تعليم ۽ زندگي جي مهارتن سان ليس ڪرڻ جي اهميت تي ڌيان ڏنو وڃي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن