اسلام ??باد – 19 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل جون ??الياني رپورٽون ٻنهي ايوانن ۾ پيش ڪيون ويون ??هن، پارليامينٽ مان اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي سفارشن تي ع??لد??آمد بابت حڪمت عملي ملڻ تي ع??لد??آمد ڪيو ويندو. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر مشتاق جي رٿ تي بحث سهيڙيندي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته آرٽيڪل 230 (4) تحت اسلامي نظرياتي ڪائونسل جون ??الياني رپورٽون پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن ۾ پيش ڪيون ويون ??هن، انهن رپورٽن جا تفصيل اڳ ۾ ئي ايوانن ۾ موجود آهن، حڪومت پاران اها ذميواري پوري ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ح??ومت کي پارليامينٽ پاران انهن رپورٽس تي ع??لد??آمد جي حوالي سان ڪي هدايتون ناهن مليون، ان ڳالهه جي خاطري ڪائي وڃي ٿي ته پارليامينٽ پاران جڏهن به ڪا حڪمت عملي ملندي، حڪومت رولز آف بزنس 1973ع موجب ان حڪمت عملي تي ع??لد??آمد ڪرائيندي.
اسلامي نظرياتي ڪائونسل جون سالياني رپورٽون ٻنهي ايوانن ۾ پيش ڪيون ويون آهن: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ