اسلام آباد– 10 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان توانائي واري وفاقي وزير مصدق مسعود ملڪ ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ملاقاتون ڪيون، صدر ديامير ڀاشا ڊيم جي 1500 متاثرين کي في ڪس 47 لک رپين جو معاوضو ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ڪالهه سومر ڏينهن جاري بيان موجب صدر چيو ته گلگت بلتستان ۾ ميڊيڪل ڪاليج ۽ اسپتال قائم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، صدر هدايت ڪئي ته گلگت بلتستان ۾ ميڊيڪل ڪاليج ۽ اسپتال قائم ڪرڻ جي لاءِ ??رجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. صدر چيو ته گلگت بلتستان جي عوام کي علاج جي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ ??حت سهولت پروگرام کي بينظير انڪم ??پورٽ پروگرام ۾ شامل ڪيو وڃي. گذريل ڏينهن گلگت بلتستان جي گورنر ۽ گلگت بلتستان ڪائونسل جي ميمبرن صدر کي علائقي کي درپيش مسئلن ??اب?? آگاهه ڪيو هو ۽ صدر ملاقات ۾ گلگت بلتستان جي مسئلن جي حل لاءِ قدمن جي خاطري ڪرائي هئي.
صدر سان وفاقي وزيرن مصدق مسعود ملڪ ۽ انجنيئر امير مقام جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی