ڪوئيٽه-30 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پنهنجين سياسي غلطين کي درست ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. عدالتي سڌار?? لاءِ اسٽيڪ هولڊرن جي تجويزن جي آجيان ڪريون ٿا. اهڙن خيالن جواظهار هن وزيراعليٰ هائوس ۾ پيپلز لائرز فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگرديءَ جي حوالي سان بلوچستان جي عوام ۽ وڪيلن وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته اس??ن اهڙي آ??ين?? عدالت ٺاهڻ چاهيون ٿا جنهن ۾ سمورن صوبن جي نمائندگي هجي. هن چيو ته پ پ آ??ين?? ترميم?? لاءِ پنهنجون تجويزون ڏيندي. هن چيو ته اس??ن چاهيون ٿا ته 18هين ترميمن ۾ ججن جي مقرري بابت جيڪي معاملا طئي ٿيا هئا انهن کي بحال ڪيو وڃي. هن چيو ته ججن جي مقرري جي نظام کي بدلائڻ جي ضرورت آهي، ماضيءَ ۾ اس??ن کي چيو ويو ته ججن جي مقرريءَ بابت تجويزون واپس وٺو، ٻي صورت ۾ پورو آ??ين?? ترميم جو عمل واپس ٿي سگهي ٿو جنه?? لاءِ اس??ن 30 سال جدوجهد ڪئي هئي، اُن وقت ججن پنهنجي رولز ذريعي پارلياماني ڪميٽي جو اختيار ختم ڪري ڇڏيو هو. هن چيو ته آ??ين?? عدالت وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته پ پ جي تجويز آهي ته صوبن جي سطح تي پڻ آ??ين?? عدالتون قائم ڪيون وڃن، جيڪڏهن ڌار آ??ين?? عدالت قائم هجي، اتي سمورن صوبن جي نمائندگي هجي ۽ عوام کي جلد انصاف جي فراهمي يقيني بڻائي. عدالتي سڌار?? لاءِ اسٽيڪ هولڊرن جي تجويزن جي آجيان ڪريون ٿا. هن زور ڀريو ته پارٽي جا تجربيڪار وڪيل پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ پارٽي منشور ۽ ڪارڪردگي لاءِ ڪردار ادا ڪندي ڪوآرڊينيشن ڪميٽيون ٺاهين، پ پ هميشه جمهوريت لاءِ قربانيون ڏنيون، پنهنجي منشور موجب عوام جي خدمت ڪنداسين. هن چيو ته اس??ن پنهنجي منشور مطابق سياسي ڪيس اڳيان وڌائينداسين.
پنهنجين سياسي غلطين کي درست ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ