اسلام آباد – 01 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي ??يڪ??يٽري آمنه بلوچ پاڪستان جي آثار قديمه ۽ تهذيبي ورثي جي تحفظ ۽ ان ک?? وڌيڪ فروغ ڏيڻ ??ي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ جي ڀرپور ۽ گهڻ رخي تاريخ ۽ تهذيبي ميراث فخر جو سبب آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊي (آءِ ايس ايس آءِ) جي اهتمام هيٺ ”پاڪستان جي آثار قديمه ۽ تهذيبي ورثي“ جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ سفارتڪارن، ثقافتي ماهرن ۽ تعليمي ماهرن شرڪت ڪئي. پڄاڻي واري س??شن کي خطاب ڪندي پرڏيهي ??يڪ??يٽري آمنه بلوچ ملڪ جي ڀرپور ۽ گهڻ رخي ورثي تي پنهنجي گهري فخر جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سنڌ جي واديءَ ۽ گنڌارا جي قديم تهذيب موجوده پاڪستان ۾ وڌيون ويجهيون آهن. پرڏيهي ??يڪ??يٽري آثار قديمه ۽ تهذيبي ورثي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته ان قديم ثقافتن ۾ جدت، لچڪ ۽ گڏيل بقاءَ جا قدر اڄ به موجود آهن. هن سياحت ۽ ترقي جي لاءِ متوازن موقف اختيار ڪرڻ جي ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان جا ثقافتي اثاثا ايندڙ نسلن جي لاءِ محفوظ آهن. هن ان موضوع تي ڌيان ڏيڻ ??ي انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊي (آءِ ايس ايس آءِ) جي قدمن کي ساراهيو. پرڏيهي ??يڪ??يٽري يقين ڏياريو ته پرڏيهي آفيسر انهن ڪوششن ۾ هڪ پرعزم اسٽيڪ هولڊر ۽ حصيدار رهندا ۽ پاڪستان جي گڏيل ميراث جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ مقامي ڪميونٽيز ۽ عالمي ماهرن سان گڏجي ڪم ڪندا. ان کان اڳ افتتاحي اجلاس کي س??نيٽر مشاهد حسين سيد ۽ قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي ??يڪ??يٽري حسن ناصر جامي به خطاب ڪيو.
پاڪستان جي آثار قديمه ۽ تهذيبي ورثي جي تحفظ ۽ ان کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي: پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا