اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪ جي حيثيت سان پاڪستان تنظيم جي ٻين ميمبر ملڪن ۽ خطي جي وسيع تر مفاد تحت تنظيم جي ترقياتي ترجيحن جي فروغ جي لاءِ سچي دل سان ڪم ڪندو رهندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پ??را?? جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان شنگهائي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل زانگ منگ وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. زانگ منگ شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن (سي ايڇ جي) جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ اسلام آباد آيل هو. شنگهائي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل جي جولاءِ 2022ع ۾ پاڪستا?? جو دورو ڪرڻ جو ذڪر ڪندي وزيراعظم اسلام آباد ۾ سندس آجيان ڪئي ۽ شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ اجلاس جي انعقاد ۾ شنگهائي تعاون تنظيم سيڪريٽريٽ پ??را?? پاڪستان کي فراهم ڪيل تعاون تي سندس ٿورا مڃيا. شنگهائي تعاون تنظيم جي چارٽر تي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي وزيراعظم سيڪريٽري جنرل کي خاطري ڪرائي ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان ميمبر ملڪن ۽ خطي جي وسيع تر مفاد جي لاءِ تنظيم جي ترقياتي ترجيحن جي فروغ جي لاءِ دل سان ڪم ڪندو رهندو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ا??س سي او ميمبر ملڪن سان گڏ تنظيم کي وڌيڪ موثر ۽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪندو رهندو. وزيراعظم ا??س سي او جي عهدو ڇڏيندڙ سيڪريٽري جنرل جي حيثيت سان زانگ منگ جي محنت ۽ شاندار خدمتن تي سندس ٿورا مڃيا ۽ سندس م??تق??ل جي لاءِ نيڪ خواهش?? جو اظهار ڪيو. زانگ منگ وزيراعظم کي شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ اجلاس جي ڪامياب انعقاد ۽ ان جي مثبت نتيجن تي مبارڪباد ڏني. هن ا??س سي او جي سڀني شعبن ۾ پاڪستان جي تعميري حصيداري کي س??را??يو ۽ ا??س سي او ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ چيئر طور پاڪستان جي قائداڻي ڪردار تي اطمينا?? جو اظهار ڪيو.
شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪ جي حيثيت سان پاڪستان تنظيم جي ترقياتي ترجيحن جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪندو رهندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا