اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف چيو آهي ته پوليو جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي اسان پوليو جي خاتمي جي حوالي سان آگاهي ۽ ان موذي مرض جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پن??نج?? عزم جي تجديد جي لاءِ متحد آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب 24 آڪٽوبر تي پوليو جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شر??ف پن??نج?? پيغام ۾ چيو ته پوليو هڪ اهڙي بيماري آهي جنهن سڄي دنيا جي لکين ٻارن کي متاثر ڪيو آهي، پاڪستان پوليو جي خاتمي جي مشن ۾ عالمي برادري سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته اسان جي حڪومت پاڪستان کي پوليو کان پاڪ بڻائڻ جي لاءِ پن??نج?? ڪوششن ۾ ثابت قدم آهي ۽ هڪ اهڙي مستقبل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي جتي ڪو به ٻار ان بيماري کان متاثر نه ٿئي. وزيراعظم چيو ته اسان جي هيلٿ ورڪرز، ڊبليو ايڇ او، يونيسيف ۽ بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جهڙن عالمي حصيدارن جي اڻٿڪ محنت جي ڪري اسان پوليو جي ڪيسز کي ??هٽ ڪرڻ ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي جڏهن ته سيڪيورٽي خدشن، پوليو ويڪسين بابت غلط معلومات ۽ ڏورانهن علائقن تائين پهچ جهڙا مسئلا درپيش آهن پر انهن سمورين رڪاوٽن جي باوجود اسان جي هيلٿ ورڪرز هر ٻار کي پوليو ويڪسين پيارڻ جي لاءِ بهادري سان ڪم جاري رکيو آهي. هن چيو ته اسان نيشنل ايمرجنسي ايڪشن پلان جي ذريعي صحت جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ سان گڏوگڏ ويڪسين جي ڪوريج کي وڌائي رهيا آهيون ۽ غلط معلومات جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي پڻ ڪوشش ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم محمد شهباز شر??ف چيو ته پوليو جي خاتمي جي لاءِ علائقائي تعاون انتهائي اهميت رکندڙ آهي، سرحد پار کان پوليو جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي حوالي سان پاڪستان ۽ افغانستان کي ??ڏجي ڪم ڪرڻو آهي. هن چيو ته اسان جي اها ويڙهه پوليو جي خاتمي سان گڏوگڏ عوامي صحت جو هڪ مضبوط نظام بڻائڻ ۽ ايندڙ نسلن جي صحت جي تحفظ بابت آگاهي ۽ ڪوشش بابت آهي. وزيراعظم سمورن والدين کي اپيل ڪئي ته اهي پن??نج?? ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦرا پيارين ۽ ڪميونٽي ليڊرز پڻ پوليو جي خاتمي جي پيغام کي عام ڪن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان پوليو فري ملڪ بڻجڻ جي لاءِ پرعزم آهي، پن??نج?? شهرين ۽ عالمي حصيدارن جي تعاون سان اسان ان مقصد کي حاصل ڪنداسين.
پوليو جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي اسان پوليو جي خاتمي جي حوالي سان آگاهي ۽ ان موذي مرض جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پنهنجي عزم جي تجديد جي لاءِ متحد آهيون: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا