اسلام آباد-04 نومبر (اي پي پي) پاڪستان جديد ريلوي سان ايران، چين ۽ وچ ايشيائي ملڪن سان واپار?? راهداري ذريعي ڳنڍجي سگهجي ٿو، جڏهن ته گهٽ خرچ ۽ تيز ترين ڪارگو سروس يقيني بڻائڻ سان پاڻ ريلوي جو ادارو منافعي بخش بڻجي سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ريلوي جي موجوده ٽريڪ ۽ ان سان ڳنڍيل اهم معاملن جو جائزو وٺڻ لاءِ فوڪل گروپ جي اعليٰ سطحي اج??اس جي صدارت ڪندي ڪيو جنهن ۾ مواصلات، ريلوي، انڊسٽريز جي وفاقي سيڪريٽرين، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي چيئرمين ۽ ٻين سينيئر آفيسر ن بريفنگ ڏني. وفاقي وزير جو چوڻ هو ت?? چين ۽ روس پاڪستان ريلوي جي انفراسٽرڪچر کي بهتر بنائڻ ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا ۽ ريلوي ۾ بهتري آڻڻ لاءِ قرض نه نجي شعبي کي سيڙپڪاري جي آڇ ڪنداسين ته جيئن مالياتي بار وڌائڻ بدران اداري کي مستحڪم ڪري سگهجي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ت?? عارضي رليف نه اسان کي ريلوي جي بهتريءَ لاءِ لانگ ٽرم رٿابندي جي ضرورت آهي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ريلوي سسٽم جي اپ گريڊيشن لاءِ ٽرين ٽريڪ کي محفوظ، ??ضب??ط ۽ تيز بڻائڻو پوندو. وفاقي وزير ريلوي کاتي ۽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي وچ ۾ التوا معاملن کي تي??يء?? سان اُڪلائڻ جي هدايت ڪئي. فوڪل گروپ جي اج??اس ۾ مختلف کاتن جي سيڪريٽرين ۽ ٻين سينيئر آفيسرن پڻ بريفنگ ڏني ۽ ريلوي کاتي جي بهتريءَ جي حوالي سان مختلف تجويزون پيش ڪيون.
پاڪستان جديد ريلوي سان ايران، چين ۽ وچ ايشيائي ملڪن سان ڳنڍجي سگهجي ٿو: عبدالعليم خان
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha