اس??ام آباد -25 نومبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي و??ير ??ام ڪمال خان چيو آهي، ته پاڪستان ۽ بيلا روس وچ ۾ واپار ۾ واڌ ضروري آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ زرعي مشينري ۽ آٽوموبائيل جي شعبي ۾ سهڪار کي هٿي ڏني ويندي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن هتي مقامي هوٽل ۾ بيلا روس جي توانائي و??ري و??ير سان بزنس فورم جي گڏيل صدارت دوران ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ واپار واري وفاقي و??ير چيو ته پاڪستان بيلا روس بزنس فورم دوران 8 مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحيون ڪيون وينديون. وفاقي و??ير چيو ته پاڪستان ۾ بيلا روس جا ٽريڪٽرز پائيداري ۽ مضبوطي جي علامت سمجهيا وڃن ٿا. هتي مقامي مارڪيٽ ۾ انهن جي وڏي طلب آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۾ واڌ لاءِ 27-2025ع لاءِ روڊ ميپ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻئي ملڪ تعاون جا عملي قدم کڻندا. هن چيو ته پاڪستان ۽ بيلا روس علائقائي و??پار ۽ ڪنيڪٽوٽي کي هٿي ڏيڻ لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم ۾ حصيدار به آهن. پاڪستان بيلا روس سان ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ گڏيل منصوبن ۾ سيڙپڪاري جو خواهشمند آهي. ??ام ڪمال خان چيو ته پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ توانائي، زراعت ۽ آءِ ٽي جي شعبن سميت ٻيا شعبا کليل آهن. هن چيوته پاڪستان ۽ بيلا روس جي ٻه طرفي و??پار کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان مان گوشت، ڊي??ي، زرعي شين ۽ ڪاغذي شين جي روانگي و??پار وڌائي سگهجي ٿو. واپار واري و??ير چيو ته بيلا روس سان واپاري رڪاوٽن کي گهٽائڻ ۽ مارڪيٽ تائين رسائي کي آسان بڻائڻ جي ضرورت آهي. جنهن تي وفاقي حڪومت ڪم ڪري رهي آهي. پاڪستان خطي ۾ واپاري ۽ ٽرانزٽ حب بڻجڻ لاءِ پرعزم آهي. ڇاڪاڻ ته پاڪستان دنيا جي ڇهين وڏي و??پاري مارڪيٽ آهي.
پاڪستان ۽ بيلاروس وچ ۾ واپار ۾ اضافو ضروري آهي: ڄام ڪمال خان
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ