اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ت??قي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته معاشري ۾ امن قائم ڪ??ڻ ۾ پوليس جو اهم ڪ??دار آهي، امن ۽ ترقي هڪٻئي لاءِ ضروري آهن، ڪنهن به معاشري يا ملڪ جي ترقي جو دارومدار اتي جي امن امان جي صورتحال تي هوندو آهي، جتي امن هوندو، اتي سيڙپڪاري، ت??ليمي موقعا، روزگار ۽ معيشت کي هٿي ملندي. اسلام آباد ۾ پوليس عوام سان گڏ جي نئين فيز جي شروعات تي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته امن ۽ ترقي جو پاڻ ۾ گهرو تعلق آهي. امن کانسواءِ ڪو به ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته اسان کي چئلينجن کي موقعن ۾ بدلائڻو آهي، معاشري ۾ امن قائم ڪ??ڻ لاءِ پوليس کي جديد رخن تي هموار ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته اسان نوجوانن کي ميرٽ تي ليپ ٽاپ ڏنا، نوجوانن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته پوليس سميت ٻين شعبن ۾ عورتون اهم ڪ??دار ادا ڪري رهيون آهن. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته معاشري ۾ امن امان قائم ڪ??ڻ ۾ پوليس جو ڪردار انتهائي اهم آهي. هن چيو ته پوليس عوام جي تحفظ ۽ قانون جي عملداري کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ بنيادي ادارو آهي. پوليس جو ڪردار نه رڳو ڏوهن جي روڪٿ??م پر سماجي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ ۾ به اهم حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته هڪ مضبوط ۽ منظم پوليس فورس امن جي قيام ۽ شهرين جي اعتماد جي بحالي ۾ اهم ڪ??دار ادا ڪندي آهي. ان سان گڏ ئي هن پوليس کي جديد تربيت ۽ سهولتون فراهم ڪ??ڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو ته جيئن هو وڌيڪ موثر طريقي سان پنهنجا فرض سرانجام ڏئي سگهن. هن چيو ته امن کانسواءِ داخلي مسئلا پيدا ٿيندا آهن پر پرڏيهي سيڙپڪار به اهڙن ملڪن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ کان پاسو ڪندا آهن، جنهن س??ن ترقي جو عمل رڪجي ويندو آهي. هڪ مستحڪم ۽ پرامن ماحول ئي معيشت کي مضبوط ڪرڻ، بنيادي ڍانچي جي تعمير ۽ عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ ضروري آهي. اهو ئي سبب آهي ته حڪومتن کي امن امان جي قيام لاءِ موثر قدم کڻڻ ۽ عوام ۾ گڏيل اتحاد ۽ يڪجهتي کي هٿي ڏيڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. امن ئي اهو بنياد آهي جنهن تي ترقي جي عمارت بيهاري سگهجي ٿي.
معاشري ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ پوليس جو اهم ڪردار آهي، امن ۽ ترقي هڪٻئي لاءِ ضروري آهن: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria